ساهيوال (آن لائن) مسلم ليگ (ن) جي قائد نوازشريف چيو آهي ته (ن) ليگ 17هين ترميم جي خاتمي، عدليا جي بحالي ۽ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري سان فيصلائتيون ڳالهيون ڪندي، اهڙو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي سرگرم ڪارڪن ملڪ محمد رمضان جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ هن وقت بدترين اقتصادي بحران جو شڪار آهي ۽ ان تي قابو پائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهربو هو، هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن)فوجي ڊڪٽيٽر جا مختلف قدم ختم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي، اڳوڻو صدر پرويز مشرف ۽ ان جو سازشي ٽولو ڪراچي ۾ سازشون ڪرڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ کي جمهوريت جي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوششن ۾ سرگرم آهن، نوازشريف وڌيڪ چيو ته پ پ جي حڪومت کي 12 آڪٽوبر 1999ع ۽ 3 نومبر 2007ع سميت مختلف غير آئيني قدمن کي جلد ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ عدليا جي بحالي به ضروري آهي، جڏهن ته (ن) ليگ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي رهندي، صدر زرداري جي آمريڪي دوري کانپوءِ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون.