کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > ممبئي تي دهشتگردن جو قبضو، 17جائين تي بم ڌماڪا، فائرنگ ۾ 101 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيئي پرڏيهي يرغمال،

ممبئي تي دهشتگردن جو قبضو، 17جائين تي بم ڌماڪا، فائرنگ ۾ 101 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيئي پرڏيهي يرغمال،

وچار ڈیسک
November 27th, 2008

ڀارتي شهر ممبئي تي ڪجهه ڪلاڪن اندر دهشتگردن قبضو ڪري ورتو، 17 بم ڌماڪا ٿيڻ ۽ فائرنگ ۾ پوليس ڪمشنر سوڌو 101  ڄڻا مارجي ويا، 9 سئو  کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فو ج کي طلب ڪيو ويو آهي،  هوٽلن تي قبضي دوران 40 پرڏيهين کي به يرغمال بڻايو ويو آهي ، اوبراءِ هوٽل ۽ تاج هوٽل ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ سبب پوليس جي ايڊيشنل ڪمشنر ا ۽ اينٽي ٽيررسٽ اسڪواڊ جي چيف سوڌو 101 ڄڻا مارجي ويا، ڀارتي پوليس جو چوڻ هو ته واقعو دهشتگردي ٿي سگهي ٿو، پوري علائقي کي گهيري ۾ آندو ويو آهي، پوليس ڪنٽرول روم مطابق رات دير تائين ڪجهه ماڻهو هوٽل ۾ اندر لڪيل هئا ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري هو، هوٽل ۾ پارليامينٽ ميمبر ۽ 40 پرڏيهي سياح پڻ يرغمال آهن، ٻئي طرف فوج جو چوڻ آهي ته فوج تاج هوٽل کي گهيري ۾ آڻي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هن وقت به ڪيترائي ماڻهو فاٿل آهن، هڪ هوٽل جو هڪ حصو ڪري چڪو آهي،  جڏهن ته ڀارتي پوليس فائرنگ ڪندڙ 5 هٿياربندن کي مارڻ ۽ 9  ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ممبئي جي سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ غير اعلانيه عرصي لاءِ موڪل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي ۾ ٿيڻ وارن پيپرن کي به اڳيان ڪيو ويو آهي. فوج ڪولابا ۽ گيٽ وي جي علائقن ۾ ڪرفيو هڻي ڇڏيو آهي.

 

 


 

 

Powered by: PHPCow.com