ممبئي سانحي کان پوءِ ڀارت طرفان پيدا ڪيل ڇڪتاڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم سياسي جماعتن سان رابطا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سڀاڻي منجهند جو قومي سلامتي بابت ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي جماعتن جي سربراهن ۽ نمائندن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته صدر ۽ وزيراعظم ملڪي توڙي عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن صدر ۽ وزيراعظم کي فون ڪيا آهن، ڪالهه شام برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ملي بينڊ صدر آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪري پاڪ-ڀارت صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن، ذريعن موجب ڳالهين دوران صدر آصف علي زرداري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ملي بينڊ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ڪالهه شام جو فرانس جي صدر سرڪوزي ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي کي فون ڪري خطي جي صورتحال، خاص ڪري ڀارت سان پيدا ٿيل صورتحال تي الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون، صدر آصف علي زرداري ۽ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي فون تي ڳالهين دوران ايندڙ سال جي شروع ۾ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، فرانس جي صدر پنهنجي پاڪستاني هم منصب کي ملڪ ۾ جمهوريت جي حمايت ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ترڪي جي وزيراعظم طيب اردگان ۽ چيڪ جمهوريه وزيراعظم مرڪ ڪيبرون پڻ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي فون ڪري پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جرمن چانسلر انجيلا مارڪل به وزيراعظم گيلاني کي فون ڪري ڳاليون ڪيون، ٻئي طرف وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ممبئي سانحي سبب پيدا ٿيل صورتحال تي مشاورت ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪالهه ملڪ جي مختلف سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن، جن حڪومت کي ملڪي سلامتي لاءِ هر ممڪن حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي، آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان، علامه ساجد نقوي، چوڌري پرويز الاهي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ، مير اسرار الله زهري، منير خان اورڪزئي، سينيٽر شاهد بگٽي، اسماعيل بليدي ۽ حاجي حنيف طيب سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جن قومي اهميت واري مامري تي حڪومت جي مڪمل حمايت ڪئي آهي، شاهد بگٽي وزيراعظم سان ڳالهائيندي قومي سيڪيورٽي جي تناظر ۾ سمورا سياسي اختلاف وساري حڪومت جي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو، ممبئي ۾ ٿيل دهشتگردي وارن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا پر ڀارت کي الزام بازي بند ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪي ثبوت آهن ته اهي پيش ڪيا وڃن، واضح رهي ته وزيراعظم ڇنڇر واري ڏينهن ملڪ جي مک سياسي قيادت سان فون تي رابطا ڪيا، جن کيس موجوده صورتحال ۾ مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي آهي، اپوزيشن اڳواڻن سمورا اختلاف وساري ڀارت واري معاملي تي حڪومت جي حمايت ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي. |
|