ڪراچي ۾ وڳوڙن تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، تشدد جي واقعن ۾ وڌيڪ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن، جنهن بعد ٻن ڏينهن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 26 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقو اورنگي ٽائون آهي، جيڪو دهشتگردن هٿان ٻئي ڏينهن به يرغمال رهيو، وڳوڙ وارن علائقن ۾ ڪاروبار ٻئي ڏينهن به بند رهيو، جڏهن ته شهر ۾ ٽرئفڪ معمول کان گهٽ رهي، وڌيڪ ڪيترين ئي گاڏين، دڪانن ۽ هوٽلن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، وڳوڙن سبب شهر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڊبل سواري تي پابندي هنئي وئي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار، عورتون ۽ پيرسن اهڙي پابندي کان آجا هوندا، اڄ سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا به بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وفاقي اردو ۽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ رٿيل امتحان پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن، شهري حڪومت جي ناظم مصطفيٰ ڪمال اڄ سمورا نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند رکڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، اي ڊي او تعليم ابراهيم ڪنڀر پڻ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، گذريل ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان ڪراچي جي سرجاڻي علائقي ۾ سني تحريڪ جي ڪارڪن فيصل کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لاش سندس هاءِ روف گاڏي مان مليو آهي، هٿياربندن شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد ۾ راشد منهاس روڊ تي واقع ٽويوٽا موٽرز جي شو روم تي فائرنگ ڪري ڪوئيٽا جي رهواسي سيڪيورٽي گارڊ 45 ورهين جي رسول خان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سولجر بازار جي علائقي نشتر روڊ تي پڻ رات دير سان ڪلينڪ بند ڪري نڪرندڙ ڊسپينسر ناصر الحسن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جيڪو گلگلت جو رهواسي ٻڌايو وڃي، آرام باغ جي علائقي ۾ جامع ڪلاٿ وٽ نامعلوم جوابدارن ڪاغذ ميڙيندڙ 30 سالن جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب پوليس سرڪار جي پاران ڪيس داخل ڪري لاش کي ايڌي جي سرد خاني اماڻي ڇڏيو آهي، پوليس موجب ڄاڻايل نوجوان جي قتل وقت پوليس پارٽي پهچي جوابدارن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدار پوليس تي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، جڏهن ته اڻ سڃاتل هٿياربندن کارادر جي علائقي ۾ ميمڻ مسجد جي ويجهو اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ جي چوڪيدار 35 سالن جي فضل الله خان کي گوليون هڻي قتل ڪيو، اورنگي ٽائون جي علائقي ۾ نامعلوم هٿياربندن شيل پيٽرول پمپ تي فائرنگ ڪري سيڪيورٽي گارڊ حضرت علي خان کي گوليون هڻي قتل ۽ نعيم کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن، هوڏانهن پريڊي جي ريڊيو پاڪستان ويجهو ايم اي جناح روڊ تان 45 سالن جي اڻ سڃاڻل شخص جو لاش هٿ آيو، جنهن جي جسم تي گوليون لڳل آهن. ڪراچي سينٽرل جي تيموريه واري علائقي ڪي ٽي آر ڪالوني ۾ گندي پاڻي جي نالي مان 30 سالن جي اڻسڃاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، نامعلوم هٿياربندن خواجا اجمير نگري جي علائقي ۾ واقع ڪوئيٽا هوٽل تي فائرنگ ڪري هوٽل جي مالڪ جلال الدين خان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جيڪو ڪوئيٽا جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته ملير جي ماڊل ڪالوني واري علائقي ۾ گذريل ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ عبداللطيف نالي شخص علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، ٻئي طرف ڪالهه منجهند ڌاري هٿياربندن ڪورنگي ڪراسنگ جي علائقي ۾ سڌي فائرنگ ڪري ايم ڪيو ايم حقيقي جي ڪارڪن 35 سالن جي امان الله خان ولد امانت الله خان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح سچل جي علائقي ۾ سپر هاءِ وي تي واقع ملڪ آغا هوٽل وٽ هٿياربندن حيدرآباد کان ڪراچي ايندڙ ڪار مان چئن ڄڻن کي لاهي گوليون هنيون جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مارجي ويلن ۽ زخمي کي اسپتال اماڻيو ته ان کانپوءِ ال آصف اسڪوائر وٽ وڳوڙين پوليس جي موبائيل مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سهراب ڳوٺ پوليس جي هڪ اي ايس آءِ ارشاد علي ۽ هڪ سپاهي زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ پوليس ۽ وڳوڙين وچ ۾ دوبدو فائرنگ شروع ٿي وئي جيڪا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي، دوبدو فائرنگ بعد رات جو دير سان هٿياربندن ويجهي وارن علائقن ۾ غائب ٿي ويا، جتان ويهي پوليس تي فائرنگ ڪندا رهيا. ان ڏس ۾ ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ تنوير مراد ٻڌايو ته امن امان خراب ڪرڻ لاءِ پهرين سچل جي علائقي ۾ سهراب ڳوٺ تي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ گشت ڪندڙ پوليس جي موبائيل تي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، ٻئي طرف رات دير سان گلشن اقبال جي ڊسڪو بيڪري واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. هوڏانهن ڪراچي جي مومن آباد جي رحيم شاهه ڪالوني واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عبدالرحمان مارجي ويو.ناظم آباد، صدر، پريڊي ۽ جيڪب لائين وارن علائقن ۾ ٿيل فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي جناح ۽ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، نارٿ ناظم آباد ۾ آصف مارجي ويو ۽ خرم زخمي ٿيو آهي، ملير جي کوکرا پار واري علائقي ۾ قسطن تي گهريلو سامان وڪرو ڪندڙ ٻن دڪانن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو، ملير سٽي جي گهانچي مارڪيٽ ۾ ٻن دڪانن کي باهه ڏني وئي، ملير لياقت مارڪيٽ ۾ قالين جي ٻن دڪانن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، لياقت آباد واري علائقي ۾ قالين جي دڪان کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، عزيز آباد جي ڪريم آباد واري علائقي ۾ 7 ڪيبينن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، اولهه ضلعي جي اورنگي واري علائقي ۾ هڪ ٽرڪ ۽ ٻن دڪانن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. اوڀر ضلعي ۾ ابو الحسن اصفحاني روڊ تي بيٺل ٻن ڊمپرز کي باهه ڏئي ساڙي ويو آهي، ڪراچي اولهه جي سعيد آباد واري علائقي ۾ روبي سينيما جي ويجهو نامعلوم ماڻهن هڪ مسافر ڪوچ مزدا سميت ٻن گاڏين کي باهه ڏئي ساڙيو. هوڏانهن ڪالهه ٻئي ڏينهن پڻ بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون، پاڪ ڪالوني، سائيٽ ۽ ٻين وڳوڙي علائقن ۾ هوائي فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو، پوليس ۽ رينجرز جي نفري کي شهر ۾ هاءِ الرٽ رکڻ جي اعلان باوجود مختلف علائقن مان شهر جي اسپتالن ۾ لاش اچڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪنهن به علائقي ۾ پوليس، رينجرز جو ڪنهن وڳوڙي سان ٽڪراءُ ٿيندي نظر نه آيو، هوڏانهن سي سي پي او وسيم احمد چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن اندر ٿيل وڳوڙن دوران پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 100 کان وڌيڪ وڳوڙين کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. شهر جو 90 سيڪڙو علائقن ۾ معمول واري صورتحال آهي، جڏهن ته رڳو 10 پوليس ٿاڻن جا علائقا وڳوڙ سبب متاثر ٿيا آهن، ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته هنگاما ڪجهه علائقن ۾ محدود آهن جتي ٻن ڏينهن دوران 16 ماڻهو قتل ڪيا ويا ۽ قتل ٿيندڙن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو شامل آهن. هن چيو ته ابتدائي طور شهر جي هڪ آبادي ۾ ٻن گروپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، جنهن جو شهر ۾غلط تاثر پيدا ٿيو ۽ ڪجهه ٻين علائقن تائين ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس تي فائرنگ ڪندڙ وڳوڙين کي گولي هڻڻ جو حڪم مليل آهي پر گذريل ٻن ڏينهن دوران وڳوڙ دوران اهڙي نوبت نه آئي آهي.هوڏانهن اورنگي ٽائون ۾ زخمي ٿيل نعيم ۽ گلشن اقبال جو چوڪيدار روضي خان به دم ڌڻي حوالي ڪيو. جڏهن ته ملير ماڊل ڪالوني ۾ پورهيت جي گهر اندر ڪيميڪل سان ڀريل بوتل اڇلائڻ جي نتيجي ۾ اڍائي سالن جي بسمه سميت 3 ماڻهو ساڙي زخمي ٿي پيا. |
|