کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > ضرورت پوڻ تي هندوستان به آمريڪا وانگر پاڪستان تي حملو ڪري سگھي ٿو؛ اوباما.

ضرورت پوڻ تي هندوستان به آمريڪا وانگر پاڪستان تي حملو ڪري سگھي ٿو؛ اوباما.

وچار ڊيسڪ
December 2nd, 2008

نئين چونڊيل آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما جو چوڻ آهي ته خودمختيار قومن کي پنهنجي حفاظت ڪرڻ هو پورو حق آهي. ڇنڇر جي ڏينهن جڏهن ميڊيا جي نمائيندن اوباما کان پڇيو ته، جيڪڏهن ممبئي ڌماڪن ۾ پاڪستان جي خلاف ڪو ثبوت ملي ته پوءِ پاڪستان انهي ڏس ۾ ڪجهه به نه ڪري ته پوءِ ڇا پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ڪيمپن تي بمباري ڪرڻ جي جنهن پاليسي جو اعلان اوباما پنهنجي چونڊ مهم جي دوران ڪيو هو، ته ڇا هندوستان به انهي تي عمل ڪري سگھي ٿو؟

اوباما چيو ته هو هينئر پاڪستان ۽ هندوستان جي حالتن جي باري ۾ ڪجهه نٿو چوڻ چاهي،پر پوءِ به انهن جي هن ڳالهه کان هندوستان طرفان هن پاليسي کي لاڳو ڪرڻ جو چٽو اشارو ملي ٿو، هن جي ڳالهه ۾ ٻه خاص نڪتا آهن، پهريون اهو ته اڳ ۾ تحقيق ڪندڙن کي ممبئي واقعن جي باري ۾ ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ ڏيو ۽ ٻيون اهو ته هن ڳالهه جو انتظار ڪيو ته ڇا پاڪستان دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪم کي مڪمل ڪري به ٿو يا نه.
اوباما چيو ته هن جي سرڪاردهشتگردن کي انهن جي ڪئي ڪم جي سزا ڏيارڻ لاءِ هندوستان جي مڪمل حمايت ڪندي. اوباما جو چوڻ هو ته مونکي اميد آهي ته سڄي دنيا به انهن لاءِ ساڳي سوچ رکي ٿي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Powered by: PHPCow.com