صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته غير رياستي عنصر پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا خراب ڪري ٻنهي ائٽمي ملڪن ۾ جنگ ڪرائي سگهن ٿا، ڀارت ممبئي ڌماڪن جي سزا اسان کي نه ڏئي، من موهن سنگهه پنهنجي انتظاميا کي پاڪستان خلاف بيان بازي کان روڪي، خابرو ادارن کي ڏنل انٽرويوز ۾ صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عسڪريت پسند خطي ۾ جنگ شروع ڪرائڻ جي طاقت رکن ٿا، اسان هن وقت ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون ۽ عسڪريت پسند ٻنهي ملڪن کي جنگ طرف وٺي وڃي رهيا آهن، اهي عسڪريت پسند اهي ٿي سگهن ٿا جن نائن اليون جو منصوبو بڻايو ۽ عراق جي حملن جا سبب پيدا ڪيا، ممبئي ۾ ٿيل واقعا اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته عسڪريت پسندن پاران اهڙي قسم جي حملن جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي ويندي، ان ڪري انهي مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي وڙهڻو پوندو، هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز لشڪر طيبه خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن، عسڪريت پسندن جو واسطو جيڪڏهن لشڪر طيبه سان آهي ۽ اهي ملوث آهن ته پوءِ به ڏسڻ گهرجي ته هو ڪنهن سان وڙهي رهيا آهن، جڏهن ته هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته غير رياستي عنصر پاڪ-ڀارت لاڳاپن کي يرغمال بڻائي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، ممبئي واقعن بعد ڀارتي قيادت اسان جي ڳالهه سمجهي رهي آهي، صدر چيو ته پاڪستان جي قيادت ڀارت کي محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، ممبئي واقعن بعد من موهن سنگهه آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر کي جاچ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڀارت موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي، هن چيو ته غير رياستي عنصر قومن کي يرغمال نه ٿا بڻائي سگهن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ممبئي واقعن بعد پهريون رابطو ڪانگريس جي اڳواڻ سونيا گانڌي سان ڪيو، جنهن بعد وزيراعظم من موهن سنگهه سان رابطو ڪيو، ممبئي جي واقعن سان ڪنهن جي ناڪامي نه سمجهڻ گهرجي ۽ اهي واقعا ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ نئون موقعو ثابت ٿي سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ۾ مڪمل هم آهنگي آهي ۽ ڀارت کان وڌيڪ پاڪستان جو آمريڪي انتظاميا سان رابطو آهي، جڏهن ته ممبئي واقعن بعد پاڪستاني ميڊيا انتهائي سنجيده ڪردار ادا ڪيو آهي، صدر چيو ته ڀارت ذميواري جو ثبوت ڏيندي اهڙي غلطي نه ڪري جنهن سان ڀارتي عوام مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿئي، هن چيو ته ممبئي حملن ۾ ملوث ماڻهن جو واسطو نائن اليون سان آهي، اسين انهن ئي ماڻهن خلاف جنگ ڪري رهيا آهيون، انتهاپسند جديد هٿيارن سان ليس آهن، پاڪستان ۽ ڀارت کي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ممبئي حملن کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ قومي پاليسي اختيار ڪرڻ لاءِ قومي سيڪيورٽي بابت ڪانفرنس اڄ ٿيندي، انتظام مڪمل، سياسي جماعتن جي سربراهن کي دعوتنامه جاري، قومي ڪانفرنس بابت وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت، ٻنهي اڳواڻن جو ملڪي سلامتي جو تحفظ ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو عزم، وزيراعظم پاران ممبئي حملن ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ بابت شاهديون فراهم نه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت طرفان ممبئي حملن ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ناهن ڪيا ويا، هن چيو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ڪي ثبوت فراهم ڪيا ويا ته اهي آءِ ايس آءِ کي جاچ لاءِ موڪليا ويندا، وزيراعظم اهڙو اظهار ڀارت طرفان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي مبينا خط فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڪئي آهي، جنهن ۾ مبينا طور ڪجهه گروپن جي نشاندهي ڪرڻ جون رپورٽون منظر تي اچي رهيون آهن، ٻئي طرف رات دير سان وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ايوانِ صدر وڃي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم صدر سان ملاقات ۾ اڄ سڏايل قومي سلامتي واري ڪانفرنس بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صدر کي قومي سلامتي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سياسي جماعتن کي شرڪت بابت ڏنل دعوتن بابت آگاهي ڏني آهي، ذريعن مطابق ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي سلامتي جو هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو، هنن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو،