کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪستان ۽ ڀارت کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪونڊوليزا ڀارت پهچي وئي

پاڪستان ۽ ڀارت کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪونڊوليزا ڀارت پهچي وئي

وچار ڊيسڪ
December 3rd, 2008

26 نومبر جو ممبئي ۾ ٿيڻ وارن حادثن کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيڻ واري گرما گرمي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آمريڪي وزير خارجه ڪونڊوليزا رائس نئين دهلي پهچي وئي آهي، پنهنجي ڀارت جي دوري دوران هو ڀارتي وزيراعظم ۽ وزير خارجه سان ملاقات ڪندي. ڀارت مان موٽندي ڪونڊوليزا رائس هڪ ڏينهن لاءِ اسلام آباد به ايندي.

آمريڪا مان نڪرڻ کان اڳ آمريڪي وزير خارجه جو چوڻ هو ته اهي حادثا تمام خراب حادثا هئا، جنهن ۾ آمريڪي شهري به پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن، انهڪري آمريڪا کي هن ڳالهه جي وڌيڪ چنتا آهي ۽ هن حادثي جو پڪو نتيجو ڪڍڻ لاءِ سڀني کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. پاڪستان کي گھرجي ته هو مڪمل ساٿ ڏي ۽ مونکي هن ڳالهه جي خوشي آهي ته پاڪستان هن ڳالهه لاءِ راضي آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com