کلاسک

WebSite    

وچار > سوات ۾ طالبان جي هار حڪمت عملي ٿي سگھي ٿي

سوات ۾ طالبان جي هار حڪمت عملي ٿي سگھي ٿي

وچار ڊيسڪ
June 29th, 2009

سوات ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي جي دعون تي تجزيو ڪندڙ چون ٿا ته وڏي ويڙھ جي بنا ئي طالبان جو ڀڄڻ انهن جي حڪمت عملي ٿي سگھي ٿي. طالبان جي اها حڪمت عملي سوات لاءِ ۽ مضبوط پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي، سوات آپريشن فيصلو ڪن ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته انتظاميا کي آپريشن جي ڊيڊ لائين وڌائڻي پئي آهي گڏ علائقو ڇڏي اچڻ وارو جو وڏو تعداد اڃا به واپس وڃڻ لاءِ پريشان آهي.

رپورٽ موجب سڪيورٽي فورسز هي سوات ڇڏڻ کان پوءِ طالبان جيڪڏهن سوات ڏانهن موٽي نه به آيا ته ڪنهن ٻي جاءِ تي سيڪيورٽي فورسز لاءِ وڏو چيلنج ثابت ٿيندا. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ موجبسوات آپريشن جي نتيجن جو وزيرستان جي بيت الله محسود جي نيٽ ورڪ تي گھڻو اثر ناهي پئجي سگھيو.

آفتاب شير پائو سوات آپريشن جي نتيجن تي بي دلي جو اظهار ڪندي چيو ته وڏن طالبان اڳواڻن کي ختم نٿو ڪري سگھجي، ۽ نه ئي اهي ختم ٿيا آهن. ملٽري اسپيشل سپورٽ گروپ جي جنرل نديم احمد جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي بحالي ۾ هڪ سال لڳي سگھي ٿو، جيڪڏهن سياسي اڳواڻن چڱو ڪردار ادا نه ڪيو ته ڏکيائي وڌي ويندي. تجزيه ڪار شجاع نواز سوات جي صورتحال کي تمام خراب چوندي چيو ته حڪومت وٽ وادي کي ٻيهر وسائڻ لاءِ نه ئي فنڊ آهن ۽ نه ئي انهي ڪم جي مهارت آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats