کلاسک

WebSite    

وچار > تحريڪ طالبان رحمان ملڪ جي سر جي قيمت ڏھ ڪروڙ رپيا رکي ڇڏي

تحريڪ طالبان رحمان ملڪ جي سر جي قيمت ڏھ ڪروڙ رپيا رکي ڇڏي

وچار ڊيسڪ
June 29th, 2009

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان گھرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ جي سر جي قيمت ڏھ ڪروڙ رپيا رکي آهي حڪومت طرفان تحريڪ جي 11 اڳواڻن جي سر جي قيمت جي فيصلي کي رد ڪندي هن چيو ته تحريڪ پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جاري رکندي.

تحريڪ جي نائب امير مولوي نور ايڪسپريس سان رابطي تي چيو ته حڪومت پنهنجي سڀني ڪاروائين ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ هاڻ آمريڪي ڊالرن تي ماڻهن کي لالچ ڏئي اسان سان وڙهائڻ چاهي ٿي پر اسين ڊڄڻ وارا ڪونه آهيون. انهن ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته حڪومت جي لالچ ۾ نه اچن.

هن هي به اعلان ڪيو ته جيڪو ماڻهو گھرو وزير رحمان ملڪ کي زنده يا مڙده وٺي ايندو هن کي ڏھ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. ڪلهه حڪومت حڪومت بيت الله محسود ۽ سندس ساٿين جي زنده يا مڙده گرفتاري تي ڪروڙين رپين جو انعام رکيو آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats