کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > محسود جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي پيشڪش حڪومت رد ڪري ڇڏي

محسود جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي پيشڪش حڪومت رد ڪري ڇڏي

وچار ڊيسڪ
June 29th, 2009

بيت الله محسود حڪومت کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي، جنهن کي رد ڪيو ويو آهي. ذمي وار وسيلن موجب هڪ پرائيويٽ ٽي وي ٻڌايو آهي ته بيت الله محسود پهريون ڀيرو پنهنجي ڪمزوري کي سامهون آڻيندي حڪومت کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو هن ڳالهه جي ضمانت ڏي ته هن تي بينظير ڀٽو جي قتل ۽ ٻيا دهشتگردي جا مقدما ڪونه هلايا ويندا ته هو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر هو فوج سميت ڪنهن کي گرفتاري ڪونه ڏيندو. پر پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل اطهر عباس سان رابطو ڪيو ويو ۽ هن انهي معاملي تي جانڪاري نه هجڻ جو اظهار ڪيو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: