کلاسک

WebSite    

وچار > دهشتگردي خراب سياست : عراق کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان تمام خراب ملڪ

دهشتگردي خراب سياست : عراق کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان تمام خراب ملڪ

وچار ڊيسڪ
June 30th, 2009

عالمي بينڪ گورننس انڊيڪيٽر ٻه هزار اٺ جي رپورٽ ۾ دهشتگردي جي خراب سياست جي حساب سان عراق کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي سڀني کان خراب ملڪ چيو آهي. واشنگٽن ۾ جاري ٿيڻ واري عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سياسي مضبوطي مارا ماري ۽ دهشتگردي جي حساب سان عراق ۾ صورتحال سڀني کان خراب آهي ۽ انڊيڪيٽر ۾ عراق کي ٻڙي درجو ڏنو ويو آهي ۽ پاڪستان افغانستان ۾ اها صورتحال رڳو هڪ سيڪڙو جي سطح تي آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ هي 86 سيڪڙو آهي.

رپورٽ موجب افغانستان ۾ ڪٿي به قانون جي حڪمراني ڏسڻ ۾ نٿي اچي ۽ انڊيڪس ۾ هي به ٻڙي ئي آهي، جڏهن ته عراق ۾ هڪ سيڪڙو قانون تي عمل ٿيندو آهي، هتي پاڪستان جي صورتحال چڱي آهي ۽ قانون جي حڪمراني 19 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت جي فائدن کي 26 سيڪڙو، ريگيولٽري فريم ورڪ 35 سيڪڙو ۽ بي ايماني جي رڪاوٽ جي حساب سان پاڪستان کي 25 سيڪڙو تي رکيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گورننس ۽ قانون جي حڪمراني جي حساب سان امير ۽ غريب ملڪن ۾ تمام گھڻو جھيڙو آهي. پر امير ملڪن ۾ سڀ ٺيڪ جو خيال ٺيڪ ناهي. هلندڙ مالي بحران امير ملڪن ۾ گورننس ۽ ريگيوليشن جي صورتحال تي سوال کنيا آهن. اها رپورٽ 1996 کان 2007 تائين گڏ ڪئي وئي آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats