کلاسک

WebSite    

وچار > پيٽرول 10 سيڪڙو ۽ ڊيزل 12 سيڪڙو مهانگو

پيٽرول 10 سيڪڙو ۽ ڊيزل 12 سيڪڙو مهانگو

وچار ڊيسڪ
June 30th, 2009

پيٽرول جي نئي قيمتن سان حڪومت جو هڪ ليٽر تي منافعو گھٽ ۾ گھٽ 43 سيڪڙو ٿي ويندو. وفاقي مشير برائي پيٽروليم ڊاڪٽر عاصم حسين موجب هڪ ليٽر پيٽرول جو ملھ 10.55 سيڪڙو جڏهن ته ڊيزل جو 12.5 سيڪڙو وڌائڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

جيڪڏهن حڪومت هن صلاح موجب پيٽروليم جي شين جون قيمتون وڌائي ٿي ته پيٽرول جي هڪ ليٽر جي نئين قيمت 62 رپيا 13 پيسا جڏهن ته ڊيزل 62 رپيا 65 پيسا في ليٽر ٿي ويندا. پيٽرول جي نئين قيمت لڳڻ کان پوءِ هن جي قيمت 36 رپيا 59 پيسا ٿي ويندي.

هن تي 10 رپيا في ليٽر فڪسڊ ڪاربن ٽيڪس، وچئين ملڪ ٽرانسپورٽ جي سلسلي ۾ ٽي رپيا 37 پيسا، ڊيلرز ڪميشن ٻه رپيا في ليٽر، آئيل مارڪيٽنگ ڪمپنيز جو ڪميشن ا رپيو 60 پيسا في ليٽر ۽ جنرل سيلز ٽيڪس 16 سيڪڙو جي حساب سان8 رپيا 57 پيسا في ليٽر چارج ڪيو ويندو. نئيون قيمتون لڳڻ کان پوءِ هڪ ليٽر پيٽرول سڀني خرچن سان 43 رپيا 54 پيسا جڏهن ته هن تي حڪومتي ٽيڪسز 18 رپيا 57 پيسا في ليٽر هوندو.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments:


Free counter and web stats