کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > قبائلي علائقن ۾ 3 هزار 3 سو قبائلي دهشتگردي جي نذر ٿي ويا : رپورٽ

قبائلي علائقن ۾ 3 هزار 3 سو قبائلي دهشتگردي جي نذر ٿي ويا : رپورٽ

وچار ڊيسڪ
July 1st, 2009

فاٽا سيڪرٽيريٽ قبائلي علائقن ۾ دهشتگردي ۽ شدت پسندي سان ٿيڻ واري جاني ۽ مالي نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن جي موجب قبائلي علائقن ۾ سوا ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. 21 صفحن جي هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ٻين شهرن کان قبائلي علائقن ۾ وڌيڪ جاني يا مالي نقصان ٿيو آهي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٽي هزار ٽي سو قبائلي مارجي ويا.

سڀني کان وڌيڪ باجوڙ ايجنسي ۾ 600 قبائلين کي دهشتگردن پنهنجو نشانو بڻايو. ڪرم ايجنسي اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج سو بي گناھ قبائلي دهشتگردي جو نشانو ٿيا. دهشتگردي جي واقعن ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ قبائلي زخمي به ٿيا. رپورٽ موجب سرڪاري ۽ پرائيوٽ جائيدادن کي پهچڻ واري نقصان جو بنيادي اندازو 103 ملين ڊالر هنيو ويو آهي.

معاشي طور تي قبائلي علائقن ۾ هڪ سو اوڻيھ ملين ڊالر جو نقصان ٿيو. سماجي شعبي کي ٿيڻ واري نقصان جو اندازو هڪ سو نئون ملين ڊالر جو هنيو ويو آهي. شدت پسندي جي ڪري قبائلي علائقن ۾ جھنگن ۽ زرعي زمينن کي ٿيڻ واري نقصان جو اندازو 188 ملين ڊالر هنيو ويو آهي. ايئن سيڪيورٽي ۽ آئي ڊي پيز تي ٿيڻ واري خرچي جو اندازو پنج سو ٻاهتر ملين ڊالر آهي.

رپورٽ موجب قبائلي علائقن ۾ اسپتال، اسڪول، روڊن، گرڊ اسٽيشن ۽ پاڻي ڏيڻ جا منصوبا به تباھ ڪيا ويا. ايئن گھرن، دڪانن ، ڪارخانن ۽ زرعي جائيدادن جو به تمام گھڻو نقصان ٿيو. رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دهشتگردن وٽ نوان هٿيار آهن، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ عملي وٽ ڀروسي جهڙو ڪوبه هٿيار ڪونهي  ۽  انهن کي ماهانه ساڍا ٽي هزار رپيا پگھار ملندي آهي. جڏهن ته دهشتگردن کي 10 کان 15 هزار رپيا پگھار ڏني ويندي آهي ۽ اهو ئي جھيڙو قبائلي علائقن ۾ بغاوت جو ڪارڻ ٿيو آهي. رپورٽ موجب قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ٻه ارب ڊالر جي ضرورت آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: