اتر وزيرستان جي شهر ميران شاھ ۾ پاڪستاني فوج هيلي ڪاپٽرن سان پمفلٽ اڇلايا آهن، جنهن ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ويو آهي ته فوج اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪونه ڪندي ۽ ماڻهو فوج جو ساٿ ڏين.
انهن پمفلٽن ۾ لکيل آهي ته فوج امن معاهدي جو مڪمل خيال رکندي، ڪجهه ماڻهو هن معاهدي کي ڪامياب نٿا ڪرائڻ چاهين. پمفلٽ ۾ صاف لکيل آهي ته ڪجهه دهشتگرد پاڪ فوج تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ گڏ هي به ٻڌائي رهيا آهن ته فوج آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي.
پمفلٽ ۾ هي به لکيو ويو آهي ته جنهن علائقي ۾ فوج تي حملو ڪيو ويندو هتي فوج کي دهشتگردن جي خلاف ڪاروائي جو مڪمل حق آهي ۽ هن آپريشن جي سڄي ذميواري انهن ماڻهن جي سر هوندي. ايئن ته فوج جو آپريشن ڪرڻ جو جو ارادو ڪونهي، انهي ڪري جو ماڻهو اڳ ۾ ئي تمام گھڻو نقصان ڪرائي چڪا آهن. پمفلٽ ۾ ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي امن کي نقصان پهچائڻ وارن کي سامهون آڻن ۽ انهن کي پنهنجي ڌرتي ، فوج ۽ حڪومت جي خلاف ڪم نه ڪرڻ ڏين.