کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > شهيد بينظير ڪيس:گڏيل قومن جي ڪميشن پاران باضابطا جاچ شروع

شهيد بينظير ڪيس:گڏيل قومن جي ڪميشن پاران باضابطا جاچ شروع

وچار ڊيسڪ
July 2nd, 2009

اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي خاص ڪميشن پنهنجو ڪم باضابطا طور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪميشن پرويز مشرف جي بيانن جو به جائزو وٺندي، جاچ ڪميشن جو سربراهه چلي جو گڏيل قومن جو اڳوڻو سفارتڪار هيرالڊو مونوز آهي ۽ ڪميشن جي باقي ٻن ميمبرن ۾ انڊونيشيا جو اڳوڻو اٽارني جنرل مرزوڪي دار عثمان ۽ آئرلينڊ جو اڳواڻ پوليس عملدار پيٽر فٽز گرالڊ شامل آهن، جاچ ڪميشن 6 مهينن ۾ پاڪستاني حڪومت کي جاچ رپورٽ پيش ڪندي ۽ اهو مدو ڪالهه کان شروع ٿي ويو آهي، جاچ ڪميشن جي سربراهه هيرالڊو مونوز ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ بينظير قتل ڪيس بابت دستاويزن جو مطالعو شروع ڪري ڇڏيو ۽ اها جاچ عمل جي شروعات آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عملدار هيرو يوئيڪي اي ايف پي کي ٻڌايو ته جاچ ڪميشن جا ميمبر پاڪستان جو به دورو ڪندا ۽ جاچ ڪميشن 16 هين جولاءِ تي 4 ڏينهن پاڪستان ايندي، جنهن مان هڪ ڏينهن موڪل جو هوندو ۽ عملي طور هي ڪميشن 3 ڏينهن پاڪستان ۾ رهندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 جولاءِ تي پاڪستان ايندڙ گڏيل قومن جي جاچ ٽيم ڪهڙين شخصيتن سان ملندي ۽ ڪهڙين ڪهڙين جاين جو دورو ڪندي، ان حوالي سان سڀئي تفصيل پرڏيهي آفيس کي فراهم ڪيا ويا آهن پر انهن تفصيلن کي ڳجهو رکيو ويو آهي، پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب ابتدائي ڪجهه ڏينهن ڪميشن ميمبر بينظير قتل جي حوالي سان هن وقت تائين ٿيل جاچ ۽ دستياب ثبوتن ۽ ان سلسلي ۾ ڏنل مختلف بيانن جو جائزو وٺندا، جاچ ڪميشن اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي انهن بيانن جو به جائزو وٺندي، جنهن ۾ هن بيت الله محسود کي ئي ذميوار قرار ڏنو هو، جاچ ڪميشن بينظير جي قتل جو ڪارڻ بڻجندڙ سببن جي به جاچ ڪندي، پرڏيهي آفيس جي ذريعن موجب انهن سببن جي جاچ لاءِ جاچ ڪميشن جو پاڪستان اچڻ ايترو اهم ناهي جيترو پهرين کان موجود ثبوتن جي جاچ ڪرڻ اهم آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: