ڀارت جي رياست اترپرديش جي شهر ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد کي ڊاهڻ جي انڪوائري ڪرڻ واري جسٽس لبراهن ڪميشن 17 سالن جي ڊگھي انتظار کان پوءِ آخر اڱاري جي ڏينهن پنهنجي رپورٽ حڪومت کي ڏئي ڇڏي.
ريٽائرڊ جسٽس ايم ايس لبراهن 17 سالن کان پوءِ چار جلدن جي پنهنجي رپورٽ وزيراعظم من موهن سنگھ کي ڏئي ڇڏي. هن موقعي تي گھرو وزير پي چدمبرم به موجود هو. جسٽس جو چوڻ هو ته هن انهي رپورٽ ۾ ڪيئي ماڻهن کي ڏوهاري ٻڌايو آهي. پر هن انهن ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هندو انتهاپسندن 6 ڊسمبر 1992ع جو ايوڌيا ۾ تقريبا ساڍا چار سو سال پراڻي تاريخي بابري مسجد کي ڊاهيو هو. بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ جي موقعي تي ڀارتيه جنتا پارٽي جي سينيئر اڳواڻ لال ڪرشن آڏواڻي، مرلي منوهر جوشي، وني ڪٽيار ۽ اما ڀارتي سميت ڪيئي هندو اڳواڻ به موجود هئا. هن واقعي جي ڏهن ڏينهن کان پوءِ جسٽس لبراهن ڪميشن قائم ڪئي وئي۽ هن کي ٽن مهينن جي اندر يعني 16 مارچ 1993 تائين انهي ڳالهه جو پتو ڪري پنهنجي رپورٽ ڏيڻي هئي ته ڪهڙين حالتن جي ڪري بابري مسجد وارو حادثو پيش آيو. پر هي هندوستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو انڪوائري ڪميشن ثابت ٿيو ۽ هن جي ڪم ڪرڻ جي وقت ۾ به رڪارڊ 48 ڀيرا واڌارو ڪيو ويو. آخري واڌارو پوئين سال مارچ ۾ ڪيو ويو. هن ڪميشن تي ڪل 8 کان 9 ڪروڙ رپين جو خرچ به ٿيو.
بابري مسجد جي واقعي کان پوءِ هتي هڪ عارضي مندر به جوڙيو ويو. هتي جي هندوئن جو عقيدو آهي ته انهن جو ڀڳوان رام هتي جنم ورتو هو، انهي ڪري اهي هتي هڪ تمام وڏو مندر قائم ڪرن چاهين ٿا. بابري مسجد جي واقعي کان پوءِ ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ فرقي ورانه فساد ڦٽي پيا، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو ماريا ويا هئا.
بابري مسجد ڪوارڊينيشن ڪاميٽي جي ڪنوينئر ۽ مشهور وڪيل ظفر ياب جيلاني جو چوڻ آهي ته گھٽ ۾ گھٽ هي ته خبر پئجي ويندي ته بابري مسجد جي شهادت ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ڪهڙو هٿ رهيو. خاص طور تي اترپرديش جي هن وقت جي وڏي وزير ڪليان سنگھ ۽ وزيراعظم نرسمها رائو حڪومت جو ڪهڙو رول هو ۽ انهي حڪومتن جي وڏي عهدن يعني چيف سيڪرٽري ۽ ڪيبنٽ سيڪٽري جو ڪهڙو رول رهيو.
هن وڌيڪ هي به چيو ته هن مان هي به ڄاڻ ملندي ته جنهن ماڻهن جي خلاف ڪيس هلي رهيا آهن، انهن جي خلاف ٻيا ڪيس قائم ڪري سگھجن ٿا يا نه.ڇو جو انهي سلسلي ۾ ڪجهه ڪيس واپس به ورتا ويا هئا.
ظفر ياب جيلاني جو چوڻ آهي ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ دير ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ سياست ئي آهي. سياسي ليڊرن ۽ حڪمرانن انهي ۾ پنهنجي ٽنگ اٽڪائي رکي. پهرين اين ڊي اي جي حڪومت ۾ وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ۽ لالا ڪرشن آڏواڻي پنج سال دير ڪرائي انهي کان پوءِ ڪانگريس جي اڳواڻي ۾ يو پي اي حڪومت جي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگھ به پنهنجي دور ۾ پنج سال دير ڪئي. پر هاڻ اميد آهي ته رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ بابري مسجد جي شهادت جي ڏوهارين کي سزا ملي سگھندي. جيلاني وڌيڪ چيو ته : رپورٽ هڪ دستاويز هوندي آهي ۽ عدالتي ڪميشن جي بهر حال پنهنجي هڪ اهميت هوندي آهي انهي ڪري جيڪڏهن حڪومت انهي تي ڪاروائي ناهي ڪندي ته قانون جو سهارو وٺي انهي تي هاڻ ڪاروائي ڪرائي سگھجي ٿي، جيئن 1993ع هي ممبئي فسادن جي سلسلي ۾ جسٽس شري ڪرشنا ڪميشن جي رپورٽ جي معاملي ۾ ٿيو، جڏهن حڪومت طرفان ڪاروائي ڪرڻ جي ڳالهه دير ۾ پوڻ لڳي ته انهي تي سپريم ڪورٽ مداخلت ڪئي.
هن جو چوڻ هو ته هي رپورٽ هڪ تاريخي رپورٽ آهي ، ڇو جو بابري مسجد جي شهادت ويهين صدي جي تاريخ جو تمام وڏو واقعو آهي ۽ هن واقعي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، عدليا جي وقار ۽ سيڪيولرزم سڀني کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو.
لبراهن ڪميشن جي رپورٽ اچڻ تي اترپرديش جي وڏي وزير ۽ حڪمران بهوجن سماج پارٽي جي رهنما ماياوتي چيو ته هاڻ ڏسڻو هي آهي ته ڪانگريس جي اڳواڻي واري مرڪزي متحده ترقي پسند اتحاد جي حڪومت ڪهري نموني پير پٽيندي. هن چيو ته سڄو ملڪ هاڻ هي ڏسي رهيو آهي ته مرڪز جي يو پي اي حڪومت ڪهڙي نموني ڪيتري تيزي سان ڪاروائي ڪندي ۽ هو قصوروارن جي خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪرڻ جي ڪيتري جرات ڏيکاريندي آهي. ڇو جو ملڪ جا ماڻهو چاهين ٿا ته انهن ڏوهارين جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي.
انهي دوران ڀارتيه جنتا پارٽي جي سينيئر ليڊر لال ڪرشن آڏواڻي جي گھر ۾ پارٽي جي وڏن ليڊرن جي ميٽنگ ٿي. انهن رپورٽ پيش ڪئي وڃڻ جي وقت تي سوال اٿاريو ۽ هن کي جلد کان جلد پارليامان ۾ پيش ڪرڻ جي گھر ڪئي.