کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > راولپنڊي : ايچ ايم سي جي بس تي آپگھاتي حملو، 6 مارجي ويا، 29 زخمي

راولپنڊي : ايچ ايم سي جي بس تي آپگھاتي حملو، 6 مارجي ويا، 29 زخمي

وچار ڊيسڪ
July 2nd, 2009

راولپنڊي جي علائقي چوهڙ چوڪ جي ويجھو ايڇ ايم سي اسٽاف بس تي آپگھاتي حملي جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 29 زخمي ٿيا آهن. انهن زخمين ۾ هڪ عورت به شامل آهي. جيو ٽي وي جي نمائندي موجب هي واقعو پشاور روڊ تي چوهڙ چوڪ جي ويجھو ٿيو آهي. واقعي کان پوءِ مرڻ وارن ۽ زخمين کي ويجھي اسپتال ۾ موڪليو ويو آهي.

هتي چوهڙ چوڪ جي ويجھو آپگھاتي حملا آور پنهنجي موٽر سائيڪل ايڇ ايم سي جي بس سان ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو.

اسپتال وارن جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جي ڪري مرڻ وارن جو تعداد وڌڻ جو ڊپ آهي. 1122 جي ريسڪيو ٽيم، ايمبولنس ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي. ڌماڪي سان ڪيئي گاڏين کي به نقصان ٿيو آهي. راولپنڊي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 


 

 

Your Name:
Your E-mail:
Subject:
Comments: