لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خواجه محمد شريف ۽ جسٽس ثاقب نثار حڪومتي فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس خواجه شريف ۽ جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته هو چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جي حڪم جي خلاف ڪو ڪم نه ڪندا. جيو نيوز جي سينيئر رپورٽر عبدالقيوم صديقي سان ڳالهائيندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسين چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي حڪم جي خلاف ڪو ڪم نه ڪندا سين. جسٽس ميان ثاقب نثار جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته گورنر پنجاب سلمان تاثير انهن کي سڀاڻي قسم کڻڻ لاءِ طلب ڪيو هو پر انهن قسم کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.