آمريڪا جي کوجي اداري پيوريسرچ سينٽر سندس هڪ سروي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ۾ 76 سيڪڙو عوام صدر آصف علي زرداري جا مخالف آهن جڏهن ته 20 سيڪڙو عوام صدر آصف علي زرداري جا حمايتي آهن. صدر زرداري جي مقبوليت ۾ هوريان هوريان گھٽتائي ٿي رهي آهي . 2008ع ۾ 64 سيڪڙو عوام ۽ 2009 ۾ 32 سيڪڙو عوام صدر زرداري جا حمايتي هئا. سروي رپورٽ ۾ اِهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ميان نواز شريف جا 71 سيڪڙو حمايتي آهن جڏهن ته 24 سيڪڙو عوام نواز شريف جي خلاف آهن. 2009 ۾ 79 سيڪڙو عوام نواز شريف جا حمايتي هئا.
سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر زرداري جي متعلق پيپلز پارٽي جي 38 سيڪڙو عوام جي راءِ مثبت آهي. پاڪستان ۾ 59 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته آمريڪا پاڪستان جو دشمن آهي جڏهن ته 11 سيڪڙو عوام آمريڪا کي پاڪستان جو دوست سمجهندا آهن. 2009 ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا مخالف جذبا 64 سيڪڙو هئا ۽ هلندڙ سال هن سروي ۾ پاڪستان ۾ آمريڪا مخالف جذبا گهٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ آمريڪا مخالف جذبا ٻين صوبن کان وڌيڪ آهن. 69 سيڪڙو پنجاب واسي آمريڪا کي دشمن سمجهن ٿا.
خيبر پختونخواه ۾ اِها شرح 52 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 40 سيڪڙو آهي، سروي موجب پاڪستان ۾ مسلم ليگ نواز جا 52 سيڪڙو حمايتي سمجهن ٿا ته آمريڪا پاڪستان جو دشمن آهي جڏهن ته 46 سيڪڙو پيپلز پارٽي جا حمايتي به آمريڪا کي پاڪستان جو دشمن سمجهن ٿا. مسلم ليگ نواز جا صرف 9 سيڪڙو حمايتي سمجهندا آهن ته آمريڪا پاڪستان جو دوست آهي.