کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > هلندڙ هفتي زرداري، من موهن گڏجاڻي

هلندڙ هفتي زرداري، من موهن گڏجاڻي

ويچار ڊيسڪ
April 4th, 2012

پاڪستاني صدر آصف علي زرداري جي هڪ ترجمان موجب اُهو هفتي جي آخر تائين هندستان جي وزير اعظم سان ملاقات ڪندو.

 

ترجمان فرحت الله بابر موجب صدر زرداري آچر ڏينهن وڏي وزير من موهن سنگهه سان منجهند جي وقت لنچ ڪندو. هن پهرين ڏسيو ته صدر آصف علي زرداري هندستان نجي دوري تي وڃي رهيو آهي ۽ اجمير شريف جي زيارت ڪندو.

 

سال 2005 بعد ٻنهيءَ ملڪن جا اڳواڻ پهريون ڀيرو ملاقات ڪندا. سياسي حلقن جو خيال آهي ته اِها ٻنهيءَ ملڪن ۾ هوريان هوريان تعلقات بهتر ٿيڻ جا اهڃاڻ آهن.

 

فرحت الله بابر اها ڳالهه ڪونه ٻڌائي آهي ته ٻنهيءَ اڳواڻن جي وچ ۾ ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ٿينديون.