کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪ هند ويزن ۾ سولائي

پاڪ هند ويزن ۾ سولائي

ويچار ڊيسڪ
April 11th, 2012

پاڪستان پاران هندستان ۾ تعينات هاءِ ڪمشنر شاهد ملڪ چيو ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جديد ويزا سسٽم وارو معاهدو ٿيندو. چيائين ته اِها ڳالهه زرداري، منموهن سنگهه گڏجاڻي ۾ طئه ڪئي ويئي آهي. ايسوسيئٽڊ چيمبر آف ڪامرس انڊسٽري آف انڊيا پاران منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميڊيا آڏو اِها ڳالهه تسليم ڪئي جيڪا هندستان کي موسٽ فيورٽ نيشن جو درجو ڏيڻ واري انفارميشن جي متعلق هئي.

 

محترم ملڪ صاحب چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين سيڪريٽرين جي سطح تي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ اِهو فيصلو ٿيندو. هوم سيڪريٽرين جي گڏجاڻي جي تاريخ طئه نه ٿي سگهي آهي پر جلدي طئه ٿي ويندي.

 

پاڪستاني سفارتڪارن موجب ويزا ملڻ ۾ ڏکيايون ٻه طرفه واپار لاءِ رنڊڪ ثابت ٿينديون آهن. جديد ويزا سسٽم ۾ هڪ سال اندر ڪيئين ڀيرا اچڻ وڃڻ جي سهولت حاصل هوندي ۽ اِهو معاهدو ٻنهيءَ ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي تصديق سان ٿيندو.

 

شاهد ملڪ وڌيڪ ٻڌايو ته هندستان مان بجلي ۽ پيٽروليم درآمد ڪرڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي. شاهد ملڪ، پاڪستان جي واپار واري وزير امين فهيم جي اڱاري واري هندستاني دوري کان پهريان بيان جاري ڪيو. امين فهيم پر گڻي ميدان ۾ منعقد ڪيل نمائش جو افتتاح ڪرڻ لاءِ هندستان جي دوري تي ويو، نمائش ۾ پاڪستاني شئيون پڻ رکيون ويئون.

 

شاهد ملڪ وڌيڪ ٻڌايو ته اٽاري تي نئون واپاري دروازو پڻ 13 اپريل تائين کلي ويندو جنهن جو افتتاح وزير شرما ڪندو. هنن رعايتن سان پاڪ انڊيا واپار اڍائي ڊالر بلين کان چار، پنج سيڪڙو وڌي ويندو.