کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > هندستان پاڪستان سان ڪشمير باري ڳالهين لاءِ تيار

هندستان پاڪستان سان ڪشمير باري ڳالهين لاءِ تيار

ويچار ڊيسڪ
April 13th, 2012

هندستان جي پرڏيهي سيڪريٽري رنجن مٿائي وال اسٽريٽ جنرل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان ڪشمير مسئلي باري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اِهو پڻ چيائين ته پاڪستان هنن مجاهد تنظيمن خلاف زبردست ڪارروائي ڪري جيڪي هندستان تي حملا ڪنديون آهن.

 

هينئر تائين پاڪستاني آفيسر چوندا رهيا آهن ته هندستان سڀ کان پهريان ڪشمير وارو مسئلو حل ڪري ۽ هندستان جي هوڏ هئي ته پاڪستان پهريان دهشتگردن جو انت آڻي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيسر جي ترجمان عبدالباسط چيو ته ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين لاءِ راضپو سُٺي ڳالهه آهي پر مستقل امن مقبوضه ۽ ڪشمير وارو مسئلو نبيرڻ سان ممڪن آهي.

 

مٿائي جن چيو ته پاڪستان فيبروري جي مهيني ۾ هندستاني شئين لاءِ پنهنجي منڊي شروع ڪئي آهي هن سان هندستان کي يقين ٿيو آهي ته پاڪستان بهترين لاڳاپن لاءِ مخلص آهي. ”مونکي ڇهه مهينا پهريان وڌيڪ اُميد ڪونه هئي پر جيئن حڪومت (پاڪستان) واپار جي متعلق فيصلو ڪيو آهي انهيءَ سان واضع آهي ته ٻئي ڌريون امن جون خواهشمند آهن“.

 

مٿائي صاحب وڌيڪ چيو ته هندستان خوشيءَ سان ڪشمير باري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهن سان ڪشمير جون سرحدون تبديل ڪئي بغير ٻنهيءَ پاسن ۾ واپار ۽ عوام جي اچ وڃ وڌائڻ ممڪن آهي. جنرل مشرف هندستان سان اِهو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار هو پر بعد ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو ۽ اِهو معاهدو پورو ڪونه ٿي سگهيو.

 

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان حافظ سعيد خلاف ڪارروائي ڪندو ته پوءِ هندستاني وزير اعظم پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو. اڃان پيپلز پارٽي جي حڪومت وٽ ڏيڍ سال آهن ۽ پيپلز پارٽي سرڪار اِهو ڪم ڪري سگهي ٿي.