کلاسک

    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > عاصمه جهانگير کي ميمو ڪميشن جي ڌمڪي

عاصمه جهانگير کي ميمو ڪميشن جي ڌمڪي

ويچار ڊيسڪ
April 14th, 2012
5 / 5 (1 Votes)

عاصمه جهانگير سندس هڪ ٽويٽ ميسيج ۾ ٻڌايو ته ميمو ڪميشن کيس ڌمڪايو  آهي ته سندس پريڪٽس ڪرڻ وارو لائسنس پڻ کسجي سگهي ٿو. عاصمه جهانگير هن ڪيس ۾ حسين حقاني جي وڪيل آهي ۽ طويل عرصي کان هاڻوڪي سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪندي رهي آهي ته اِها واٽ الله سياست ۾ مداخلت ڪندي آهي.

 

ڪجهه عرصي کان محسوس ٿئي رهيو آهي ڄڻ ته سپريم ڪورٽ پاڻ کي عقل ڪُل ۽ رب سمجهي ٿي. اُها توهين عدالت کي ائين ڪتب آڻي ٿي ڄڻ ته فوجي مارشل لاءِ استعمال ڪندا آهن. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ساڳئي واٽ تي هلندي ته ملڪ عدالتي ڊڪٽيٽر شپ جو شڪار ٿي ويندو. چيف جسٽس افتخار چوڌري کي خبر هجڻ گهرجي ته قانون جي لٺ فوجين جي رائفل بڻجي ويندي.

 

شايد سپريم ڪورٽ سمجهي ٿي ته ملڪ ۾ ڪير به قانون کي نٿو مڃي خاص طور حڪمران ۽ خاص طبقي سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻهن کي لٺ ڏيکاري قانون جي حڪمراني قائم ڪرائي پنهنجو مان مٿانهون ڪري سگهي ٿي. ڪير هنن کي ٻڌائي ته ”منهنجا لارڊو، عدالت جو احترام سندس فيصلي ذريعي ٿيندو آهي توهين عدالت لاڳو ڪري نه“.

 

هندستاني سپريم ڪورٽ جي هڪ مشهور جج مارڪنڊي ڪاڻجو ٻڌايو ته سندس هڪ ساٿي جج کيس ٻڌايو ته اڄ مونکي عدالت ۾ هڪ امير ماڻهو چٻري جو ڦر چيو ۽ هن سان گڏ اِهو پڻ چيائين ته جيڪو ڪرڻو آهي سئو ڪريو اسين اِهو حڪم ڪونه مڃيندا سين. ڪاڻجو جواب ڏنو ته اسين چٻري جا ڦر ته آهيون ڇو ته جنهن به پارٽي خلاف فيصلو ٻڌائيندا سين اُها اسانکي چٻري جو ڦر چوندي. انڪري اِها وڏي ڳالهه ناهي توهان اِها ڳالهه وساري ڇڏيو. ها، جيڪڏهن انهيءَ عدالت جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ته توهان سندس خلاف ايڪشن وٺي سگهو ٿا. معني جج گار ٻڌي ڪري توهين عدالت جو فيصلو ٻڌائڻ بدران عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي ٿيڻ سبب توهين عدالت جو فيصلو ٻڌائي.

 

پاڪستاني سپريم ڪورٽ گارين بدران ننڍي ۽ عام ڳالهين تي نوٽيس وٺي ٿي جيئن بلاول ڀٽو جي تقرير. بلاول ڀٽو ججن کي هڪ طرفه چيو، بلاول ڀٽو ڪو به عدالتي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪونه ڪيو. انڪري عدالت کي باشعور ٿئي ڪري انهيءَ ڳالهه کي بيوقوفي سمجهندي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي ها. پر عدالت لٺ جي زور تي احترام ڪرائڻ چاهي ٿي.

 

سپريم ڪورٽ وٽ کوڙ سارا ڪيس آهن ۽ سپريم ڪورٽ اجائي ڳالهين ۾ پنهنجو وقت برباد ڪري رهي آهي. عدالت آڏو اهڙا ڪيس آهن (مهراڻ گيٽ، گم ٿيل ماڻهو، ڀٽو ريفرنس ڪيس، ادارن جي ڦرلٽ وارا ڪيس) جن جا صحيح فيصلا ڪرڻ سان سندس احترام ٿئي سگهي ٿو. عاصمه جهانگير جو لائسنس کسي يا ڇوڪرن جي مسخري تي توهين عدالت جو ڪيس نه ٺاهڻ گهرجي.