پشاور جي ويجهو ڪوهاٽ روڊ تي زنگي چيڪ پوسٽ تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ اڃان تائين 15 ماڻهون مري ويا آهن ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا آهن. ذريعن موجب زنگي چيڪ پوسٽ پشاور کان 13 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جٿي بارود سان ڀريل ڪار زنگي چيڪ پوسٽ جي ويجهو تباهه ٿي هئي.
ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ جي ويجهو موجود ٻه پلازه ڊهي پيا جن جي ملبي هيٺ ڪيترا ئي ماڻهون دٻيل آهن ۽ هن باري چيو پيو وڃي ته مرڻ واري ماڻهن جو انگ وڌي سگهي ٿو. علائقي ۾ امدادي ڪاروايون ٿي رهيون آهن. مري ويل ماڻهن جا مڙهه ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي الرٽ ڪيو ويو آهي.