پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري 479 ووٽ حاصل ڪري ملڪ جو نئون صدر چونڊجي ويو آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسيمبلي ۾ آصف علي زرداري کي 281، سعيد الزمان صديقي کي 111 ۽ مشاهد حسين کي 34 ووٽ مليا.
پنجاب اسيمبلي ۾ آصف علي زرداري کي 123، سعيد الزمان صديقي کي 201 جڏهن ته مشاهد حسين کي 36 ووٽ مليا. ائين سرحد اسيمبلي ۾ آصف علي زرداري کي 107، جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي کي 10، مشاهد حسين سيد کي 3 ووٽ مليا جڏهن ته 4 ووٽ رد ٿي ويا.
سنڌ اسيمبلي ۾ ڪُل 166 ووٽ هئا جن مان 163 ڪاسٽ ٿيا، آصف علي زرداري کي 162 ووٽ مليا. سنڌ اسيمبلي ۾ سعيد الزمان صديقي ۽ مشاهد حسين سيد مان ڪو به اُميدوار هڪ به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي مان آصف علي زرداري کي 59 ووٽ، سعيد الزمان صديقي ۽ مشاهد حسين سيد کي 2،2 ووٽ مليا.
آصف علي زرداري کي ڪُل 479، سعيد الزمان صديقي کي 153 جڏهن ته مشاهد حسين سيد کي 42 ووٽ مليا. قومي اسيمبلي ۾ پولنگ جو آغاز اڄ صبح 10:10 منٽن تي ٿيو جيڪا شام 3 وڳي تائين هلندي رهي. سڀ کان پهريان سينيٽرز ووٽ ڏنا جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي رُڪنن ووٽ ڪاسٽ ڪيا.
سينيٽر اسيمبلي ۾ 124 ووٽ ڏنا ويا، سنڌ اسيمبلي جي رُڪن رقيه سومرو بيمار هوندي به سندس ووٽ استعمال ڪيو، کيس اسيمبلي ۾ اسٽريچر ۾ آندو ويو، هن اسٽريچر تي اچي ڪري ووٽ ڏئي هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي. صدر جي چونڊ جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، مسلم ليگ ن جي جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي ۽ مسلم ليگ ق جي اُميدوار سينيٽر مشاهد حسين سيد شامل هئا.