ملڪ جي اهم عهدي ”خاتون اول“ جو عهدو خالي رهندو. 18 فيبروري 2008 جي چونڊن کانپوءِ هاڻي ملڪ جي سڀ کان وڏي عهدي صدر پاڪستان لاءِ به چونڊن جو ڪم پڄاڻي تائين پهچي ويو آهي جنهن سان ملڪ جي اهم عهدن تي نوان چهرا نظر اچي رهيا آهن پر هڪ اهم عهدي جو خال ڪڏهن به ڀرجي ڪونه سگهندو ۽ هو عهدو ”خاتون اول“ جو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زردري جي صدر پاڪستان چونڊجڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ سندس ذال محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي دنيا ۾ نه هجڻ سبب خاتون اول جو عهدو خالي رهندو. واضع رهي ته سفارتي لحاظ سان ڪيترن ئي ملڪن جي ياترا ڪندي خاتون اول کي خصوصي پرٽوڪول ڏنو ويندو آهي ۽ مل ۾ ۽ ٻاهر خصوصي تقريبن ۾ سندس شرڪت لازمي هوندي آهي.