کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > چين پاڪستان لاءِ به نيوڪليئر ڊيل چاهي ٿو

چين پاڪستان لاءِ به نيوڪليئر ڊيل چاهي ٿو

ويچار ڊيسڪ
September 7th, 2008

ڇنڇر تي چين جي حڪومت ويانا ۾ ٿيندڙ هندستاني نيوڪليئر سپلائرز گروپ سان ڊيل جي تنقيد ڪئي آهي بلڪ هڪ پير اڳتي وڌائيندي اهو پڻ چيو آهي ته پاڪستان سان به اهڙي ڊيل ٿيڻ گهرجي.

 

پاڪستان جي وڪالت ڪندي چين هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هن کي اُميد آهي ته نيوڪليئر سپلائرز گروپ سموري ڌرين جون خواهشون پوريون ڪندو. ڪيترن ئي دانشورن جو چوڻ آهي ته هن فقري ۾ ”سموري ڌرين“ کان چين جو مطلب سندس دوست پاڪستان آهي.

 

چين جي پرڏيهي وزير چنگ زيانگ جو چوڻ آهي ته ”چين کي اُميد آهي ته نيوڪليئر سپلائرز گروپ ائٽمي توانائي جي پرامن اتعمال لاءِ سموري ڌرين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪندي سموري ڌرين جون خواهشون پوريون ڪندو.“

 


 

 

Powered by: PHPCow.com