کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > چڱي اپوزيشن ثابت ٿيندا سين: نواز شريف

چڱي اپوزيشن ثابت ٿيندا سين: نواز شريف

ويچار ڊيسڪ
September 8th, 2008

مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ميان نواز شريف نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري سان وزير اعظم هائوس ۾ هڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن آصف علي زرداري کي يقين ڏياريو آهي ته مسلم ليگ نواز اسيمبلي ۾ چڱي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي.

 

وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ ملاقات م وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پنجاب جي وڏي وزير کان علاوه مسلم ليگ نواز جو جاويد هاشمي، احسن اقبال، خواجه آصف، چوڌري نثار، ظفر اقبال جهگڙا، راجا ظفر الحق ۽ پيپلز پارٽي طرفان وفاقي وزير شيري رحمان ۽ مشير داخلا رحمان ملڪ به شامل هئا.

 

ميان نواز شريف آصف علي زرداري کي وڏي انگ سان صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو آهي ته مسلم ليگ نواز اپوزيشن ۾ رهندي جمهوري ريتن کي وڌائڻ جو جتن ڪندي ۽ حڪومت جي هر طرح سان مدد ڪري چڱي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي.

 

ذريعن موجب هن موقعي تي صدر آصف علي زرداري ميان نواز شريف کي ٻيهر حڪمران اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو سڏ ڏيندي چيو ته ملڪ بحران ۾ ڦاٿل آهي، اچو ته گڏجي ڪري ملڪ کي بحران مان ڪڍيو وڃي. هن گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته ٻنهيءَ پارٽين جا اڳواڻ هڪ ٻي جي خلاف بيان بازي ڪونه ڪندا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com