کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > آمريڪا طرفان پاڪستان لاءِ ڪروڙين ڊالر جو اقتصادي پئڪيج

آمريڪا طرفان پاڪستان لاءِ ڪروڙين ڊالر جو اقتصادي پئڪيج

ويچار ڊيسڪ
September 8th, 2008

آمريڪا پاڪستان جي امداد لاءِ ست ڪروڙ پنجاهه لک ڊالر جو طويل اقتصادي پئڪيج تيار ڪيو آهي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪي نائب صدارت لاءِ ڊيموڪريٽ پارٽي جي اُميدوار سينيٽر جوزب بيڊن طرفان تيار ڪيل امدادي پئڪيج جو مقصد پاڪستان ۾ انتهاپسندن جي خلاف حڪومت کي مضبوط ڪرڻ آهي.

 

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو پئڪيج پاڪستان لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو پر پاڪستان جون حالتون اهڙيون آهن ته هو هن پئڪيج لاءِ انتظار نه ٿو ڪري سگهي. رپورٽ موجب پاڪستان غذا ۽ توانائي جي بدترين بحران جو شڪار آهي ۽ جيڪڏهن هن کي جلدي امداد نه ملندي ته نئين جمهوري حڪومت غير مستحڪم ٿي سگهي ٿي جنهن سان اسلامي انتهاپسندي کي سگهه ملندي.

 

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستاني عوام جو وڏو انگ نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري کي سندس آمريڪا نوازي ڪارڻ پهريان کان ئي ناپسند ڪندو آهي. ۽ جيڪڏهن آمريڪا فاٽا ۾ حملن جو سلسلو بند نه ڪيو ته پوءِ سندس ساک متاثر ٿي سگهي ٿي. رپورٽ موجب آمريڪي مخالفت ۽ قبائلي علائقن ۾ فوجي آپريشن تي تنقيد ڪارڻ مسلم ليگ نواز جي صدر نواز شريف جي مقبوليت وڌي آهي.

 

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪي مخالفت کانپوءِ به نواز شريف کي آمريڪا جو دشمن نه سمجهڻ گهرجي. بلڪ اقتدار ملڻ جي صورت ۾ هو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ قبائلي علائقن جي عوام جي اقتصادي حالت ۽ صوبي سرحد ۾ انفرااسٽرڪچر کي بهترين بڻائڻ هوندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com