کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > هفتي ۾ ٻه موڪلون، هڪ ڏينهن پيٽرول پمپ بند: هلندڙ هفتي اعلان ٿيندو

هفتي ۾ ٻه موڪلون، هڪ ڏينهن پيٽرول پمپ بند: هلندڙ هفتي اعلان ٿيندو

ويچار ڊيسڪ
September 8th, 2008

حڪومت جي اعلي عهديدار ٻڌايو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري نقصان کي ڏسندي پيٽرول جي سيل گهٽ ڪرڻ لاءِ حڪومت هلندڙ هفتي ئي سموري هفتي ۾ هڪ بدران ٻه موڪلون ۽ هڪ ڏينهن پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي.

 

تازو ئي ٿيل هڪ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه ٽرانسپورٽ ۽ پاور جي شعبن ۾ حد کان وڌيڪ سيل کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هن اعلان کي صدارتي چونڊن سبب ملتوي ڪيو ويو هو. فيصلي موجب ڇنڇر ۽ آچر تي سموري حڪومت ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ موڪل ڪئي ويندي ۽ جمعي جي ڏينهن پيٽرول پمپ بند رهندا.

 

معيشت تي غور ڪندڙ ڪاميٽي وزير خزانه سيد نويد قمر جي قيادت ۾ پيٽرول جي وزارت کان پيٽرول جي کپت گهٽائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون هيون. ٻين تجويزن سان پيٽرول جي وزارت هي ٻه تجويزون پيش ڪيون هيون ته پنج ڏينهن ڪم ٿئي ۽ هڪ ڏينهن پيٽرول پمپ بند ڪيا وڃن. هن سان وزارت کي اُميد آهي ته 20 سيڪڙو تيل بچندو.

 

پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت به هفتي ۾ ٻه موڪلون ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ اعلان واپس ورتو ويو هو ڇاڪاڻ ته هن سان هڪ ته تيل جو استعمال حد کان وڌيڪ ٿي ويو هو ۽ حڪومتي ملازمن جمعي جي ڏينهن به موڪل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. ڏٺو ويو هو ته ماڻهن موڪلون گذارڻ لاءِ ٻين شهرن وڃڻ شروع ڪيو هو جنهن سبب هن دفعو جمعي جي ڏينهن پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو قانون لاگو ڪيو ويو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com