هڪ پاسي جنرل اسيمبلي جي فلور تي من موهن سنگهه جي صدر پاڪستان جي سنگت جي تعلقن کي مضبوط ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف مفيد ڪاروائي ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ٻي پاسي گادي واري هنڌ دهلي ۾ اڻ ڏٺل خطرناڪ فوجي ڪارواين جي اطلاع کانپوءِ صدر جمهوريه ۽ هندستاني فوج جي سپريم ڪمانڊر پرتيڀا پاٽل فوجي آفيسرن کي فوج کي هاءِ الرٽ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
خمس تي پاڪستاني فوجن ۽ ادارن جي خلاف ڪجهه آرڊر جاري ٿيا آهن جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا هر صورت ۾ هندستان پاڪستان جنگ ڪرائڻ چاهي ٿو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته هندستاني ايئرفورس جا 9 بمبار جهاز گواليار کان ڪابل آيا آهن هنن جو ڇا حدف آهي هي هڪ وڏو سوال آهي ٻي پاسي هندستاني بحريه جي آبدوز يونٽ کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي جيڪا پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن جون ڪاروايون ڏسڻ لاءِ گهري سمنڊ ۾ 22 ڪلاڪ کان گشت ڪري رهي آهي جڏهن ته خمس تي موناباؤ کان 60 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هندستاني ريگولر آرمي پنهنجا مورچا ٺاهڻ شروع ڪيا آهن.