جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ سندس معزول ججن جي بحالي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ وڪيلن جي هفتيوار احتجاج جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن به وڪيلن سموري ملڪ ۾ عدالتن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو هن کان اڳ بار ايسوسيئشنز احتجاجي جلسا پڻ منعقد ڪيا جن ۾ عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جي نيت ڪئي وئي ۽ جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ سندس دوست ججن کي بحال نه ڪرڻ تي مرضي سان معزول ججن کي ٻيهر حلف کڻائڻ ۽ حڪمتانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. 3 نومبر تي معزول ڪيل چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري جو چوڻ هو ته انصاف ڏيڻ ئي منهنجو اصلي جُرم آهي. عدليه بحال ڪونهي بلڪ هن ۾ نئيون تقرريون ٿي رهيون آهن. عدليه جو بحال ٿيڻ يقيني آهي ۽ خير سان بحال ضرور ٿيندي.