ميريئٽ هوٽل جو ڪمرو نمبر 501 اڃان تائين پراسرار آهي. ٽي وي چئنل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته هي اُهو ڪمرو هيو جنهن ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ نيري رنگ جا شعلا ڏسڻ ۾ آيا. صحافين کي هن واحد پراسرار ڪمري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪونه ڏني وئي. ريسرچ ٽيمون هن اطلاع تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هن ڪمري ۾ موجود غير ملڪي ماڻهون ڌماڪو ٿيڻ کانپوءِ ڪمري جي باٿ روم ۾ وڃي ڪري سندس ليپ ٽاپ، دستاويز ۽ سامان کي هڪ جيلي جهڙي مادي سان ڀاٿ روم جي ٽب ۾ ساڙي ڇڏيو هو. غير ملڪي جڏهن هوٽل پهتا ته هو سڀ کان پهريان روم نمبر 503 جي ڀاٿ روم ۾ ئي ويا هئا.