کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > عالمي بئنڪ پاڪستان کي 1.337 ارب ڊالر جي امداد ڏيندو

عالمي بئنڪ پاڪستان کي 1.337 ارب ڊالر جي امداد ڏيندو

ويچار ڊيسڪ
September 26th, 2008

عالمي بئنڪ پاڪستان کي 1.337 ارب ڊالر امداد ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ بئنڪ جي صدر رابرٽ زوئلڪ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات دوران چيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان کي 1.337 ارب ڊالر امداد ڏيڻ جا نوان پروگرام پائپ لائن ۾ آهن، هن فاٽا ۾ ترقي جي منصوبن ۽ پاڪستان ۾ غريب شهرين جي امداد جي حڪومتي پروگرامن لاءِ مالي امداد ڏيڻ جو يقين به ڏياريو آهي.

 

صدر ميڪرو اڪنامڪس استحڪام پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان به خبردار ڪيو. هن اڄ جمع تي شروع ٿيندڙ فرينڊ آف پاڪستان سان گروپ جي اجلاس جو حوالو پيش ڪندي چيو آهي ته ترقي يافته صنعتي ملڪن جا گروپ جي ايٽ جي رُڪنن ۽ سعودي عرب، چين ۽ متحده عرب امارات جي اجلاس ۾ پاڪستان کي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ امداد ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com