کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > فاٽا ۾ پاڻ آپريشن نٿا ڪرڻ چاهيون، آمريڪا پاڪستان کي سول ۽ فوجي امداد ڏي. ايڊمرل مولن

فاٽا ۾ پاڻ آپريشن نٿا ڪرڻ چاهيون، آمريڪا پاڪستان کي سول ۽ فوجي امداد ڏي. ايڊمرل مولن

ويچار ڊيسڪ
September 26th, 2008

آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي ايڊمرل مائيڪل مولن جو چوڻ آهي ته ويڙهاڪن سان هلندڙ ويڙهه ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ آمريڪا کي سول ۽ فوجي عناصر سان گڏجي جتن ڪرڻ جي ضرورت آهي. برطانوي خبرن جي اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته آمريڪا قبائلي علائقن ۾ پاڻ آپريشن ڪرڻ بدران ويڙهاڪن جي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو پر آمريڪا پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ ڪاروايون ضرور ڪندو.

 

سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي پاڪستان لاءِ سول ۽ فوجي امداد وڌائڻ گهرجندي هئي ۽ هنن ٻنهيءَ جي وچ ۾ ويجها تعلق ٺاهڻ گهرجندا هئا پر الاهي مامرن ۾ اسين پاڪستان تي اهڙو ڌيان ڏنو جيئن ڪو ٻيو ملڪ هجي. پاڪستان ۾ شدت پسندي وڌي رهي آهي ۽ سرحد محفوظ ٺڪاڻو بڻجي وئي آهي. اسانکي پاڪستان جي مدد لاءِ پنج ڇهه ست يا ڏهه سال جي اهڙي پروگرام جي ضرورت آهي جيڪو عمل جي قابل هجي ۽ هن تي پاڪستاني عوام، حڪومت ۽ فوج انحصار ڪري سگهي.

 

سندس چوڻ هو ته قبائلي علائقن ۾ ويڙهاڪن جي خلاف ويڙهه سيڪورٽي کي بهتر بڻائڻ، معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام لاءِ سڀ کان بهترين طريقو پاڪستاني انتظاميه طرفان ڪوششون آهن. مولن ٻڌايو ته هو پاڪستان فوج لاءِ وڌيڪ امداد وٺڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته آئون سمجهان ۽ تسليم ڪريان ٿو ته پاڪستاني زمين تي ٿيندڙ آمريڪي حملن کي هتان جو عوام پسند نه ٿو ڪري ۽ آئون دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ مقامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اڳواڻن جي ڪوششن کي نقصان نه ٿو رسائڻ چاهيان.

 

سندس چوڻ آهي ته هي ظاهر ٿي چُڪو آهي جو سمورا پاڪستاني هن جنگ کي پنهنجي نه بلڪ آمريڪا جي ويڙهه سمجهندا آهن. مولن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج طرفان ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي هاڻوڪي آپريشن سان منهنجي پٺڀرائي ٿي آهي پر ڪجهه علائقن ۾ ڪاروائي ڪرڻ آمريڪا جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي ملڪ ۽ افغانستان ۾ وڙهندڙ پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسانکي هر حال ۾ هنن جي حفاظت ڪرڻي آهي ان ڪري اسين اهڙا ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسين اهو دٻاءُ برقرار رکندا سين.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com