پاڪستاني فوج قبائلي علائقي باجوڙ ايجنسي ۾ گذريل هڪ مهيني کان ٿيندڙ آپريشن ۾ پنج وڏي ڪمانڊرن سميت مقامي طالبان ۽ القاعده جا گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو دهشتگرد مارڻ جي دعوي ڪئي آهي. پاڪستاني فوج طرفان هي حساب غير ملڪي صحافين جي هن علائقي جي دوري جي موقع تي جاري ڪيو ويو پر آزاد ذريعن کان هن حساب جي تصديق ڪونه ٿي سگهي آهي.
هن دوري جو انتظام پاڪستاني فوج ئي ڪيو هو. نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ حملي کانپوءِ غير ملڪي خبرن جي ادارن طرفان ڪيئين دفعي حڪومت پاڪستان کي شدت پسندي جو مرڪز سمجهندڙ پاڪستاني قبائلي علائقن جي دوري جون درخواستون ڏنيون ويون پر حڪومت هنن درخواستن جو جواب ڪونه ڏنو هو.
خبرن جي اداري رائٽرز جو چوڻ آهي ته باجوڙ جي مرڪزي قصبي خار ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي فرنٽيئرز ڪور جي آءِ جي طارق خان مارجي ويل دهشتگردن جو انگ پنج سئو کان هڪ هزار ٻڌايو.
هن وڌيڪ چيو هو ته پاڪستاني فوج پنج سئو دهشتگردن جي مرڻ جي تصديق ڪئي آهي پر خفيه ادارن موجب هي انگ پنج سئو کان هڪ هزار جي درميان ٿي سگهي ٿو.
بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته آگسٽ ۾ شروع ٿيندڙ آپريشن دوران 27 سيڪورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ هن سئو يارهن زخمي ٿيا. آءِ جي طارق خان ٻڌايو ته آپريشن ۾ مارجي ويل ماڻهن ۾ چار غير ملڪي ڪمانڊڙ به شامل هئا جن ۾ مصر جو ابوسعيد المصري، عرب نزاد ابو سليمان، ازبڪ ڪمانڊر ملا منصور ۽ افغان ڪمانڊر منارس شامل آهن. سندس موجب پنجون ڪمانڊر عبدالله هڪ پاڪستاني جيو جيڪو باجوڙ جي مولوي فقير محمد جو پُٽ هيو.
طارق خان جو چوڻ هو ته باجوڙ ۾ فوجي آپريشن ايندڙ ڇهه هفتن تائين جاري رهندو. هن باجوڙ کي دهشتگردن جو اڏو چيو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن دهشتگردن کي باجوڙ ۾ شڪست ٿيندي ته هو سڀ ڪجهه هارائي ويندا ۽ جيڪڏهن اسين ڪاروائي نه ڪندا سين ته پوءِ هي هر پاسي دهشتگر ڦهلائڻ جو اڏو بڻجي ويندو.“
باجوڙ جي تحصيل اتمان خيل ۾ قبيلن جو هڪ گڏيل جرگو طلب ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگردن جي خلاف گڏيل صلاح مشوري سان مسلح فورس ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ جرگي ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي جو طالبان کي پناهه ڏيندڙ گهر ساڙيا ويندا ۽ گهر وارن ڏهه لک رپيا جرمانو به ڏيڻو پوندو.