کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > عوام اڪيلو رهجي ويو، اوباما: امداد بند نه ڪجو: مڪين

عوام اڪيلو رهجي ويو، اوباما: امداد بند نه ڪجو: مڪين

ويچار ڊيسڪ
September 27th, 2008

نومبر ۾ آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي اُميدوار پنهنجي پهرين مباحثي ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ ۽ پاڪستان باري آمريڪي فوجن سان وڌيڪ تعاون ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. آڪسفورڊ مسيسپي ۾ 90 منٽن تائين هلندڙ مباحثي دوران ريپبلڪن پارٽي جي سينيٽر جان مڪين جو چوڻ هو ته آمريڪا کي پاڪستان جي امداد ختم نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته افغانستان جي ويڙهه کٽڻ لاءِ اسلام آباد جو تعاون بيحد ضروري آهي. هن چيو ته سينيٽر اوباما کي واضع طور تي پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ها.

 

ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اُميدوار باراڪ اوباما وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان القاعده جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيندو يا اهڙو ڪم نه ڪندو ته پوءِ آمريڪا کي پاڻ ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. ٻنهيءَ اڳواڻڻ بڌايو ته جيڪڏهن هو صدر ٿيندا ته هو پاڪستان باري ڪهڙي پاليسي جاري رکندا.

 

مباحثي کان اڳ آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊملر مائيڪل مولن پينٽاگون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو هو ته آمريڪي هيلي ڪاپٽرن تي فائرنگ جو مسئلو گهڻُ خطرناڪ ناهي پر هن کي گهڻي اهميت ڏني وئي آهي.

 

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ صورتحال ڏاڍي خراب ۽ خطرناڪ آهي پر هن جو مطلب هي ناهي ته اسمان ٽٽي پوندو ۽ اسانکي ضرورت کان وڌيڪ ردعمل جو اظهار ڪرڻ کپي.“

 

ايڊمرل مائيڪل مولن وڌيڪ چيو هو ته گذريل هفتي مذاڪرات دوران پاڪستان جي فوجي قيادت کيس يقين ڏيارايو هو ته هنن جو پاڪ افغان سرحد تي آمريڪي فوج جي خلاف طاقت استعمال ڪرڻ جو ارادو ناهي.

 

مباحثي ۾ سينيٽر باراڪ اوباما جو چوڻ هو ته آمريڪا سدائين هن پاليسي تي عمل ڪندو رهيو آهي جو هن (جنرل رٽائرڊ مشرف سان تعلق رکيو) پاڪستاني عوام کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن آئون آمريڪا جو صدر ٿيندس ته اها صورتحال بدلجي ويندي.“

 

هن جي جواب ۾ سينيٽر مڪين جو چوڻ هو ته جڏهن پرويز مشرف صدر ٿيو هن وقت پاڪستان هڪ ناڪام رياست هئي. هن چيو ته آمريڪا کي پاڪستاني عوام جي حمايت جي ضرورت آهي جنهن جي ڪوشش کي صدر ٿيڻ جي صورت ۾ جاري رکيو ويندو ۽ پاڪستان جي امداد ختم ڪونه ڪئي ويندي.“

 

هن اهو به چيو ته ميريئٽ هوٽل ۾ ٿيندڙ حملي جو مقصد اهو هو ته هو (دهشتگرد) نٿا چاهن جو پاڪستان حڪومت آمريڪا سان تعاون ڪري.

 

باراڪ اوباما جو چوڻ هو ته القاعده کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان کي 10 بلين ڊالر جي امداد ڏني آهي پر پاڪستان هونئن نه ڪيو جيڪو هن کي ڪرڻ کپي ها.

 

ٻنهيءَ اڳواڻن افغانستان ۽ عراق جي صورتحال تي واضع طور تي ڳالهيون ڪيون ۽ هڪ ٻي جي پاليسي جون ”ڪمزوريون“ ٻڌايون. جان مڪين جو چوڻ هو ته آمريڪا عراق ۾ جنگ کٽي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن سينيٽر اوباما جي پاليتي تي عمل ڪيو ويندو ته اها جنگ کٽي ڪونه سگهندا سين.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com