ڊيموڪريٽڪ آمريڪي صدارتي اُميدوار باراڪ اوباما چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جيڪڏهن پاڪستان ڪاروائي نه ڪئي ته آمريڪا ڪندو. ريپبلڪن اُميدوار جان مڪين سان هڪ عوامي بحث ۾ شرڪت ڪندي اوباما چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت انتهاپسندن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته آمريڪي فوج کي پاڪستان ۾ انتهاپسندن جي اڏن کي نشانو ٺاهڻ جو حڪم ڏيندا سين. پر حيراني جي ڳالهه آهي جو ريپبلڪن اُميدوار جان مڪين هن صلاح جي مخالفت ڪندي چيو ته هو عوامي سطح تي هن پاليسي تي بيان بازي ڪونه ڪندو. جان مڪين چيو آهي ته هو پاڪستان طرفان تعاون نه ڪرڻجي حوالي سان سزا جي طور تي پاڪستان کي ڏيڻ واري امداد ۾ گهٽتائي جي مخالفت ڪندو.