کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > بحالي جي رستي ۾ رنڊڪون عنقريب ختم ٿينديون. جسٽس افتخار

بحالي جي رستي ۾ رنڊڪون عنقريب ختم ٿينديون. جسٽس افتخار

ويچار ڊيسڪ
September 27th, 2008

معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته 9 مارچ 2007 تي آئون هڪ جابر حڪمران جي سامهون انڪار ڪئي هئي ۽ جيڪڏهن هو جابر حڪمران ڪونه رهيو آهي ته هاڻي ڪو به مونکي منهنجي اصولن کان هٽائي نه ٿو سگهي منهنجا جتن نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه بلڪ اصولن لاءِ آهن.

 

جسٽس افتخار چوڌري اها ڳالهه اسلام آباد ۾ جوڊيشل ڪرائسز مئنيجمنٽ ڪاميٽي جي صدر شفقت چوهان جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وڪيلن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي، هن موقعي تي هن وڪيلن جي جدوجهد جي تعريف ڪئي. شفقت چوهان ايڊوڪيٽ موجب معزول چيف جسٽس چيو ته معزول ججن جي حلف کڻڻ سان سندس ذات تي ڪو فرق نه پوندو.

 

سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن آئون اڪيلو رهجي ويس ته عدليه جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندس. هن چيو ته آئون ٻيهر حلف کڻڻدس ته رات جي اونداهه ۾ حڪمرانن سان ملاقاتون ڪونه ڪندس، معزول چيف جسٽس هن موقعي تي عدليه جي آزادي جي ڪوششن ۾ وڪيلن جي ڪردار جي بيحد تعريف ڪئي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com