کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > فيصلا ٻاهر جي دٻاءُ هيٺ ڪيا ويا: يوسف رضا گيلاني

فيصلا ٻاهر جي دٻاءُ هيٺ ڪيا ويا: يوسف رضا گيلاني

ويچار ڊيسڪ
September 27th, 2008

وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته عالمي دٻاءُ ۽ ڪجهه مجبورين جي ڪارڻ غير مقبول ۽ غير جمهوري فيصلا ڪيا ويا. گورنر هائوس ۾ افطار ڊنر جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته احتساب ۽ انتقام ۾ تمام گهٽ فرق آهي. اسين انتقام جي سياست نٿا ڪريون احتساب جو ڪم انصفاڻو بڻايو ويندو.

 

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ماڻهن جي حقن لاءِ قربانيون ڏنيون آهن جڏهن ججن کي نظر بند ڪيو ويو ته سڀ کان پهريان لانگ مارچ جو اعلان پيپلز پارٽي ئي ڪيو هو. ججن کي اسين آزاد ڪيو ۽ سمورا جج آئين موجب بحال ٿيندا. وزير اعظم جو چوڻ هو ته دهشتگرد ۽ انتهاپسند ملڪ ۾ معاشي استحڪام نٿا چاهن. قبائلي علائقن ۾ سياست آڻڻ سان ترقياتي ڪم ٿيندا. سندس چوڻ هو ته ارڙهين فيبروري تي ماڻهن تبديلي لاءِ ووٽ ڏنو. اسين ادارن ۾ تڪرار جي سياست ختم ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي اهميت باري حڪومت کي احساس آهي. ڪراچي صنعتي ۽ معاشي ڪارواين جو اڏو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت نجڪاري جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي فرينڊز آف پاڪستان اسانجي حمايت ڪندا.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com