کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > لشڪر جي فورسز جي خلاف وڙهڻ لاءِ زبردستي ڀرتي

لشڪر جي فورسز جي خلاف وڙهڻ لاءِ زبردستي ڀرتي

ويچار ڊيسڪ
September 28th, 2008

باجوڙ ۾ انتهاپسند سيڪورٽي فورسز جي خلاف وڙهڻ لاءِ علائقي جي هر خاندان جي هڪ ڇوڪري کي زبردستي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن کي زبردستي وڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. آءِ جي ايف سي ميجر جنرل طارق خان صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي الزام هنيو آهي ته باجوڙ ۾ خاندانن کي مجبور ڪيو ٿو وڃي ته هو پنهنجي ٻارن مان هڪ ڇوڪرو سندن لشڪر ۾ شامل ڪرن ته جيئن سيڪورٽي فورسز جي خلاف ويڙهه جاري رکي سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪو خاندان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪندو آهي ته پوءِ هن خاندان کي گهر سميت تباهه ڪيو ويندو آهي.

 

اي پي موجب سندس چوڻ آهي ته فورسز سان وڙهندڙ گهٽين ۽ پاڙن ۾ گهمندڙ ۽ بغير تربيت يافته ماڻهون ناهن بلڪ منهنجي مرضي هوندي جو انهن عسڪريت پسندن مان ٻن يا ٽن کي پنهنجي انفنٽري اسڪول ۾ کڻي وڃان ها ۽ پنهنجي ڪجهه آفيسرن کان تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چوان ها. ميجر جنرل طارق خان جو چوڻ هو ته هنن انتهاپسندن جي ڪميونيڪيشن ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم بهترين آهي ۽ هي ماڻهون علائقي کي به سُٺي طرح سمجهن ٿا ۽ هر سڄي علائقي کان واقف آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com