معزول چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جو چوڻ آهي ته آمريت جو خاتمو ٿي چُڪو آهي ۽ جمهوريت هڪ نئين منزل تائين پهچي وئي آهي. هن وقت ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي. معصومن جو قتلام ٿي رهيو آهي، افر اط زر ۽ رسد جو بحران آهي. هي صورتحال ماڻهن جي دلين ۾ اُتاولو پن وڌائي رهي آهي ۽ هن حقيقت کي واضع ڪري رهي آهي جو قانون جي بالادستي ۽ عدل انصاف کان محروم معاشرا ڪيئن شورش بدامني جو شڪار ٿيندا آهن.
معزول چيف جسٽس سموري ملڪ جي بار ايسوسيئشنز جي صدر ۽ جنرل سيڪيٽرين ۽ ممبرن کي عيدالفطر جي مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ خط موڪليو جنهن ۾ لکيل آهي ته ڌڻي سڳورو پاڪستان کي هن بدترين صورتحال مان ڪڍي ۽ هتي انصاف قائم ڪري. هن چيو ته جمهوريت جي بحالي عدليه جي آزادي آمرييت جو خاتمو ۽ آئين جي حڪمراني لاءِ توهانجي ۽ پاڪستان جي جدوجهد قومي تاريخ جو سنهري باب آهي.
توهان همت ۽ ڪوشش جي هڪ نئين ريت قائم ڪئي آهي. هي هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته موسم بدلجي چُڪو آهي. آمريت جو خاتمو ٿي چُڪو آهي ۽ جمهوريت هڪ نئين منزل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. توهانجي نيت ۽ حوصلا بُلند آهن ان ڪري مونکي يقين آهي جو ڏکي حالتن کانپوءِ به فتح توهانکي ئي نصيب ٿيندي ڇاڪاڻ ته توهان حق ۽ انصاف تي آهيو ۽ ڪڏهن به حق ۽ انصاف جو جهنڊو هيٺ ناهي ٿيندو. معزول چيف جسٽس خط جي آخر ۾ پنهنجي صحي ڪئي آهي جڏهن ته بار ايسوسيئشن جي عهديدارن ۽ سيڪيٽرين کي ۽ سندن گهر وارن کي مبارڪ ڏيندي چيو ته رب سائين توهانجي حفاظت ڪندو ۽ توهانکي عيد جهڙيون بيشمار خوشيون نصيب ٿين.