کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > آمريڪا کي پاڪستان ۾ محدود ڪاروائي جي اجازت ڏني هئي: خورشيد قصوري

آمريڪا کي پاڪستان ۾ محدود ڪاروائي جي اجازت ڏني هئي: خورشيد قصوري

ويچار ڊيسڪ
September 28th, 2008

پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي وزير محمود قصوري چيو ته آمريڪا کي پاڪستان ۾ هڪ حد تائين ڪاروائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ اسين حد کان وڌيڪ ڪاروايون ڪرڻ جي اجازت ڪونه ڏئي سگهندا هئا سين جيترو آمريڪا چاهيندو هو. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي آئون هندستان ڪشمير اڳواڻڻ جون شڪلون ڏسڻ به پسند نه ڪندس. دنيا ۾ ”خودمختيار“ ملڪ صرف آمريڪا آهي، دهشتگردي جي حوالي سان اسانجي تعاون جون تعريف ڪندي ڪندي آمريڪا جي زبان سُڪي پوي ٿي.

 

هن هي ڳالهيون جيو نيوز جي پروگرام ”جواب ده“ ۾ ميزبان افتخار احمد سان ڳالهه ٻولهه دوران چيون. ڏسندڙ اهو انٽرويو 28 سيپٽمبر جي رات اٺ لڳي پنج منٽ تي ڏسي سگهندا. خورشيد قصوري اهو به چيو هو ته جيڪڏهن اسين هار تسليم ڪندا سين ته پاڪستان ۾ طالبان رياست قائم ڪريون ته جنگ سڀاڻي ئي ختم ٿي ويندي. پاڪستاني فوج هندستان سان وڙهڻ لاءِ وجود ۾ آئي هئي گوريلا جنگ لاءِ ٽريننگ حاصل ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ سول نيوڪليئر ايند ٽيڪنالوجي معاهدو حاصل ڪندو.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com