کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > پاڪستان لاءِ تمام ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي: آمريڪي ماهر

پاڪستان لاءِ تمام ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي: آمريڪي ماهر

ويچار ڊيسڪ
September 28th, 2008

آمريڪي ٽيلي وزن لاءِ خاص انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري جا حڪومتي ۽ طئي ٿيل پروگرام ختم ٿي چُڪا آهن. آمريڪي مبصرن موجب پاڪستان لاءِ اڃان به ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي. نيويارڪ ۾ ڪيئين سالن تائين رهندڙ صدر آصف علي زرداري جو پنهنجي دوستن ۽ ڪجهه آمريڪي حمايتين سان ملاقات جو سلسلو جاري آهي. اطلاعن موجب صدر آصف علي زرداري جي پاڪستان واپسي لاءِ ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر جي شام تي نيويارڪ کان ويندڙ فلائٽن ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن پر سندس ورڻ جو آخري اعلان سيڪورٽي ڪارڻ فلائيٽ جي نيويارڪ کان پرواز ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو.

 

صدر جي پنج ڏينهن جي دوري دوران پاڪستاني ترجمان نه ته ڪنهن چڱي پيش رفت جو ڪريڊٽ وٺڻ ۽ ڪاميابي ٻڌائڻ لاءِ دستياب هئا نه وري صدر جي ملاقات ۾ ادا ڪيل جملن سان آمريڪي ميڊيا ۾ طوفان سان پاڪستاني اميج کي جيڪو نقصان رسيو آهي، هن کي واضع طور تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سامهون آيا. شيري رحمان دوري جي آغاز ۾ صرف ٻه دفعو پرڏيهي سيڪيٽري سلمان بشير صدر جي ملاقاتن جي آخري ڏينهن هڪ بريفنگ ڏني. صدر زرداري جو دورو اقوام متحده ۽ آمريڪي صدر بُش سان ملاقات کي ڏسندي آمريڪي مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري کي واضع طور تي ٻڌايو ويو آهي ته فاٽا جي علائقن ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان کي آمريڪي حڪمت عملي ۽ ڪاروائي ۾ پارٽنر جي طور تي شرڪت ڪرڻي پوندي. وڌيڪ آپريشنز ۽ ڪاروايون ٿينديون يا وري پاڪستان کي آمريڪا سان وڙهڻو پوندو. پاڪستان لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ پاڪستان لاءِ مالي امداد به هن جي تعاون جي لحاظ سان ڪئي ويندي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com