صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بُش پاليسين ۽ سندس ليڊر شپ جي ڪارڻ دنيا محفوظ هنڌ بڻجي وئي آهي. آمريڪي اخبار کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ صدر صاحب چيو ته دهشتگردي جون پاڙون مضبوط ٿي رهيون آهن. هنن جو خاتمو بيحد ضروري آهي. هن اها ڳالهه رد ڪندي چيو جو پاڪستاني فورسز آمريڪي هيلي ڪاپٽرن تي فائرنگ ڪئي آهي.
صدر جو چوڻ هو ته حدون طئي ڪرڻ لاءِ صدر روشني جا گولا فائر ڪيا هئا. هن چيو ته پاڪستان فوج ۽ آمريڪي فورسز جي درميان فائرنگ ڪونه هئي. ٻي پاسي واشنگٽن پوسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا کي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
گذريل صدر پرويز مشرف جي دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪارواين باري سندس چوڻ هو ته مشرف جون ڪاروايون ڪافي نه هيون. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو جو مشرف دهشتگردي جي خلاف پنهنجون مڪمل صلاحيتون استعمال ڪيون پر هنن مان مثبت نتيجا حاصل ڪونه ٿي سگهيا. هن چيو آهي ته صدر زرداري سان گڏجي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪيو ويندو.