لشڪر اسلام جي امير منگل باغ پوليٽيڪل انتظاميه تي الزام هنيو آهي ته هو شرپسندن کان رشوت جي طور تي ڪروڙين رپيا وٺندي آهي ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ پنجاهه کان ستر لک رشوت ڏئي ڀرتي ٿيندو آهي انهيءَ ڪارڻ امن قائم نه ٿي رهيو آهي. پرائيويٽ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي سندس چوڻ هو ته وادي تيره ۾ قاضي محبوب پاڻ کي قاضي سڏائيندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ هو افغانستان مان آيو آيه ۽ هو ڏوهارين کي پناهه ڏيندو آهي. منگل باغ بغير طُهر جي گرفتار ٿيل جي حوالي سان دعوي ڪئي آهي جو وانا ۽ وزيرستان جي ڪيترن ئي قبيلن ۾ طُهر نه ڪرائڻ جي ريت آهي.