کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > آمريڪا پاڪستان ۾ هڪ طرفو ڪاروائي ڪري سگهي ٿو: رابرٽ گيٽس

آمريڪا پاڪستان ۾ هڪ طرفو ڪاروائي ڪري سگهي ٿو: رابرٽ گيٽس

ويچار ڊيسڪ
September 29th, 2008

آمريڪي وزير دفاع رابرٽ گيٽس چيو آهي ته عالمي قانون مونب آمريڪا پاڪستان ۾ هڪ طرفو ڪاروائي ڪري سگهي ٿو. برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز موجب آمريڪي وزير دفاع سينيٽ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي فوجين جي جان بچائڻ آمريڪا جو حق آهي.

 

هن نالو ٻڌائي بغير چيو ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف وڙهڻ جي قابل ناهي. آمريڪي فوج گڏيل قومن جي چارٽر هيٺ افغانستان آئي آهي ۽ هي چارٽر آمريڪا کي پنهنجي حفاظت لاءِ هڪ طرفو ڪاروائي جي اجازت ڏيندو آهي.

 

رابرٽ گيٽس چيو آهي ته افغانستان کي ڪيئين قسمن جي80 سيڪڙو آمريڪي رسد پاڪستان جي ذريعي پهچائي ويندي آهي جڏهن ته تيل 40 سيڪڙو پاڪستان جي ذريعي پهچايو ويندو آهي. هن ٻڌايو آهي ته آمريڪا پاڪستان کان علاوه ٻيا رستا پڻ ڳولي رهيو آهي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com