کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > آمريڪي ڪانگريس بُش جو مالياتي منصوبو رد ڪري ڇڏيو

آمريڪي ڪانگريس بُش جو مالياتي منصوبو رد ڪري ڇڏيو

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2008

آمريڪي ڪانگريس جي ماتحت ايوان وال اسٽريٽ کي بچائڻ لاءِ صدر بُش جو 700 ارب ڊالر جو مالياتي منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ 700 پوائنٽ گهٽجي وئي آهي هن سان دنيا جي ٻين وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن کي به نقصان ٿيندو.

 

آمريڪا ۾ ٻُڏندڙ قرضن کي بچائڻ لاءِ صدر بُش جي منصوبي تي آمريڪي حڪومت ۽ قانون لاگو ڪندڙن جي وچ ۾ گهڻي بحث ٿي هئي جنهن کانپوءِ هن منصوبي کي 205 جي مقابلي ۾ 228 ووٽن سان رد ڪيو ويو آهي. بُش جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جا ممبر به هن منصوبي جي خلاف هئا ۽ ٻه ڏهائي انگ هن جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

 

بُش حڪومت قانون لاگو ڪندڙن کي ايلاز ڪيو هو ته هو هن بل کي منظور ٿيڻ ڏين ڇاڪاڻ ته هن سان مالياتي نظام بهتري ٿيندو. بُش حڪومت ڪيئين بئنڪن جي ٻُڏل قرضن جي عيوض ست سئو ارب ڊالر ڏيڻ چاهيندي آهي ته جيئن ملڪ کي هن ڏکي وقت مان ڪڍي سگهجي.

 

وائيٽ هائوس ۾ بُش منصوبو رد ٿيڻ کانپوءِ چيو آهي ته هن منصوبي جي رد ٿيڻ سان آئون بيحد مايوس ٿيو آهيان. سندس چوڻ هو ته اسين وڏي بحران مان نڪرڻ لاءِ هڪ وڏو منصوبو پيش ڪيو هو. هن منصوبي هيٺ حڪومت ست سئو ارب ڊالر استعمال ڪري گهر خريد ڪرڻ لاءِ بئنڪن طرفان ڏنل قرض خريد ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي برباد ٿي چُڪا آهن. حڪومت هي رقم پئسو بانڊ جاري ڪري حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com