کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > شدت پسندي: پاڪستان جو وجود خطري ۾ آهي

شدت پسندي: پاڪستان جو وجود خطري ۾ آهي

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2008

آمريڪا جي سينٽرل ڪمانڊ جي صدر ڊيوڊ پٽريئس جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وجود کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کان خطرو آهي ۽ پاڪاستان کي هن مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي. لنڊن ۾ برطانوي وزير اعظم گورڊن برائون سان هڪ ملاقات ۾ آمريڪي جنرل چيو ته پاڪستان کي هن مسئلي جي اهميت جو پهريان کان احساس ٿي ويو آهي ۽ هاڻي پاڪستان کي اهو مامرو حل ڪرڻو آهي.

 

آمريڪي جنرل اها ڳالهه اهڙي وقت چئي آهي جڏهن پاڪستان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اعلي آمريڪي سفارتڪار نيگرو پونٽي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ سيڪورٽي جي صورتحال تي خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نيگرو پونٽي شدت پسندي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ٿوري عرصي کان پاڪستان آيو آهي. شدت پسندن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪاروائي کي ڏسندي آمريڪا پاڪستان جي انٽيلي جنس ايجنسي آءِ ايس آءِ جي ڪم تي تنقيد ڪري رهيو آهي.

 

سومر تي پاڪستان آرمي ۾ ڪيئين خاص تبديليون ڪيون ويون ۽ ڪجهه آفيسرن کي ترقي ڏني وئي جن ۾ شجاع احمد پاشا کي ميجر جنرل جي عهدي کان ترقي ڏئي ليفٽيننٽ جنرل جو عهدو ڏنو ويو ۽ آءِ ايس آءِ جي صدر جو عهدو پڻ ڏنو.

 

لنڊن ۾ جنرل پٽريئس چيو آهي ته انتهاپسندن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو. جنرل پيٽرئيس جو بيان تڏهن منظر عام تي آيو جڏهن اسلام آباد ۾ انتهاپسندن ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي حملن جو جهيڙو ٿي رهيو آهي.

 

افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوج ڪاروائي ڪندي چيو ته ڪيترا ڀيرا سرحد پار پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن تي پاڪستان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته هنن حملن ۾ عام ماڻهون مارجي ويا آهن. سيپٽمبر جي شروعات ۾ انگور اڏه ۾ آمريڪي ڪمانڊوز سرحد پار ڪري ڪاروائي ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان طرفان ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.

 

جنرل پيٽريئس گورڊن برائون سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ اهو پڻ چيو ته پاڪستان کي خبر آهي ته هن کي دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کان خطرو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هن مامري جي اهميت ۽ نوعيت ٻئي تسليم ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ آهي ته اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ گهرجي.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com