کلاسک

WebSite    

وچار > سنڌي وچار > خبرون > دهشتگردي جي خلاف ويڙهه القاعده جو ڪجهه نه وڳاڙي سگهندي

دهشتگردي جي خلاف ويڙهه القاعده جو ڪجهه نه وڳاڙي سگهندي

ويچار ڊيسڪ
September 30th, 2008

بي بي سي طرفان ڪرايل هڪ عالمي سروي موجب دهشتگردن جي خلاف آمريڪي جنگ پنهنجي سڀ کان وڏي هدف القاعده کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.

 

سروي ۾ شرڪت ڪندڙ 23 مان 22 ملڪن جي ماڻهن موجب اٽڪل 22 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته دهشتگردي جي خلاف آمريڪي جنگ جي ڪارڻ القاعده تنظيم ڪمزور ٿي آهي. سروي ۾ شامل پنج مان ٽن ماڻهن جي راء هئي ته هن جنگ جو القاعده تي ڪو اثر نه ٿيو آهي (29) سيڪڙو يا القاعده هن جنگ سان مضبوط ٿيو آهي (30) سيڪڙو.

 

مصر ۽ پاڪستان کانسواءِ اٽڪل هر ملڪ جٿي اهو سروي ڪيو ويو آهي هتي القاعده جي باري منفي خيال گڏيل آهن. مصر ۽ پاڪستان ٻئي القاعده جي خلاف جنگ ۾ اهم ملڪ آهن. سروي جا هي نتيجا 23 ملڪن جي 23 هزار 937 بالغ شهرين جي راءِ آهي. بي بي سي لاءِ هي سروي عالمي پولنگ فرم گلوب اسڪين آمريڪا جي ميري لينڊ يونيورسٽي ۾ پروگرام آن انٽرنيشنل پاليسي ايٽيچود سان گڏجي ڪيو آهي. هن سروي لاءِ فيلڊ ۾ 8 جولاء کان 12 سيپٽمبر تائين ڪم ڪيو ويو.

 

پاڪستان ۽ مصر ۾ القاعده باري گڏيل بهترين خيال رکندڙ ماڻهن جو انگ تمام گهڻو آهي جيڪي هن تنظيم باري بُرا خيال رکندا آهن. مصر ۾ 40 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 22 سيڪڙو القاعده باري گڏيل راءِ رکندا آهن جڏهن ته مصر ۾ 20 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 19 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن جو رويو القاعده جي باري مثبت آهي. مصر ۾ القاعده باري بُرا خيال رکندڙن راءِ ڏيڻ وارن جو انگ 35 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ 19 سيڪڙو آهي.

 

هن سوال جي جواب ۾ ته ”دهشتگردي جي خلاف ويڙهه القاعده کٽي رهي آهي يا آمريڪا“ ته ماڻهن جي وڏي انگ جو چوڻ هو ته اها ويڙهه ٻئي نه کٽي رهيا آهن. هي خيال 15 ملڪن جي ماڻهن جو آهي.

 

3 ملڪن ڪينيا، نائيجيريا ۽ ترڪي جي عوام جي وڏي انگ جو خيال آهي ته آمريڪا اها ويڙهه کٽي رهيو آهي. جنهن جا راءِ ڏيڻ وارا ماڻهون سمجهن ٿا جو اها ويڙهه القاعده کٽي رهيو آهي هنن جو انگ  5 مان 1 کان وڌيڪ ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي. پاڪستان ۾ هي انگ 21 سيڪڙو آهي جڏهن ته ٻئي ملڪن ۾ راءِ ورهايل آهي.

 

جن 23 ملڪن ۾ اهو سروي ڪيو ويو آهي هتي اٽڪل 10 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته القاعده هي ويڙهه کٽي رهيو آهي. 22 سيڪڙو ماڻهون سمجهن ٿا جو آمريڪا اها ويڙهه کٽي رهيو آهي جڏهن ته 47 سيڪڙو موجب اها جنگ القاعده کٽي رهيو آهي نه آمريڪا.

 

آمريڪا ۾ به 34 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته القاعده ڪمزور ٿي آهي. 59 سيڪڙو ماڻهون سمجهن ٿا جو دهشتگردي جي خلاف آمريڪي ويڙهه بي اثر آهي (26 سيڪڙو) يا وري هن سان القاعده مضبوط ٿي آهي (23) سيڪڙو.

 

آمريڪا ۾ 56 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته ٻنهيءَ مان ڪو به اها ويڙهه کٽي نه رهيو آهي جڏهن ته 8 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ويڙهه القاعده کٽي رهي آهي. 23 سيڪڙو ملڪن جي 61 سيڪڙو ماڻهون آهن جيڪي القاعده باري خراب خيال رکندا آهن، 8 سيڪڙو ماڻهون القاعده باري چڱو سوچندا آهن جڏهن ته 18 سيڪڙو ماڻهون گڏيل خيال رکندا آهن.

 

اسٽيون ڪل جيڪو پروگرام آن انٽرنيشنل پاليسي ايٽيچود جو ڊائيريڪٽر آهي سندس چوڻ آهي ته ”آمريڪا وٽ بي پناهه فوجي طاقت آهي پر وري به القاعده جي خلاف ويڙهه ۾ هن کي خوار ٿيڻ کان علاوه ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ماڻهن جي وڏي انگ جو خيال آهي ته هن ويڙهه سان القاعده وڌيڪ طاقتور ٿي آهي.“

 

هي سروي هنن ملڪن ۾ ڪيو ويو آهي جن سان آمريڪا جا بهترين تعلق آهن. فرانس ۾ 48 سيڪرو، ماسڪو ۾ 48 سيڪڙو، اٽلي ۾ 43 سيڪڙو، آسٽريليا ۾ 41 سيڪڙو ۽ برطانيا ۾ 40 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي جو آمريڪي ويڙهه سان القاعده مضبوط ٿي آهي.

 

هو ملڪ جن ۾ الاهي ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪي ويڙهه سان القاعده ڪمزور ٿي آهي هنن ۾ ڪينيا ۾ 58 سيڪڙو، مصر ۾ 44 سيڪڙو ۽ نائيجيريا ۾ 37 سيڪڙو ماڻهون شامل آهن. جن ملڪن جي عوام وڏي انگ القاعده باري بُرا خيال ظاهر ڪيا آهن هنن مان چين جا 48 سيڪڙو، انڊيا جا 44 سيڪڙو، انڊونيشيا جا 35 سيڪڙو، نائيجيريا جا 42 سيڪڙو ۽ فلپائن جا 42 سيڪڙو ماڻهون شامل آهن.

 


 

 

Powered by: PHPCow.com